احمد ابراھيم

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

احمد ابراھيم راڳي ماسٽر محمد ابراهيم جو پٽ آهي. هو ڪراچيءَ ۾ 1949ع ڌاري پيدا ٿيو. راڳ کيس ورثي ۾ مليو. ننڍپڻ کان ئي ڳائڻ شروع ڪيائين. پھرين پنھنجي پيءُ سان گڏ محفلن ۾ ڳائڻ ويندو هو، پوءِ 1965ع ۾ ريڊيو پاڪستان ڪراچيءَ تي آڊيشن ڏنائين ۽ پاس ٿي ويو. ريڊيي تي کيس ان وقت جي ميوزڪ پروڊيوسر خواجہ امداد عليءَ متعارف ڪرايو. احمد ابراهيم جا ڪيترائي ڪلام رڪارڊ ٿيا، سندس انداز هوبهو پيءُ جھڙو آهي. هن پاڪستان ٽيليويزن تي بہ ڳايو. سنڌي، اردو، گجراتي ۽ سرائڪي ٻولين ۾ ڪلام ڳايائين. سنڌيءَ ۽ گجراتيءَ ۾ سندس آڊيو ڪيسٽون بہ رڪارڊ ٿيون.’احمد ابراهيم‘ جو اصل نالو محمد صديق احمد آهي، پر راڳ جي دنيا ۾ پنھنجي پيءُ جي نالي سان ’احمد ابراهيم‘ سڏائي مشھوري ماڻيائين.[1]

حوالا[سنواريو]