وڪيپيڊيا:چونڊ مضمون/2024/مهينو جون

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
هوتچند مولچند گربخشاڻي

ڊاڪٽر هوتچند مولچند هربخشاڻي(انگريزي: Dr. Hotchand Molchand Gurbakhshani) تاريخ 8 مارچ 1884ع ۾ حيدرآباد سنڌ ۾ ڄائو. . ڊي_جي سنڌ ڪاليج مان 1905ع ۾ بي_اي ۽ ولسن ڪاليج بمبئي مان 1919ع ۾ ايم_اي پاس ڪيائين لنڊن ۾ يونيورسٽي ۾ ”انگريزي شاعري ۾ تصوف“ جي موضوع تي مقالولکيائين، جنهن تي کيس پي-ايڇ-ڊي جي ڊگري ڏني ويئي. 1908ع ۾ ڊي-جي سنڌ ڪاليج ۾ پروفيسر جي حيثيت سان ڪم ڪرڻ شروع ڪيائين. ڊاڪٽر صاحب 11 فيبروري 1947ع ۾ وفات ڪئي. ان وقت پاڻ ڊي - جي ڪاليج جو پرنسپال هو. آنجهاني ڊاڪٽر گربخشاڻي کي سنڌي زبان ۽ ادب لاءِ گهڻو چاهه هو. پاڻ هڪ اعليٰ اديب هو ۽ جيتوڻيڪ سندس تصنيفون ٿوريون آهن. پر موضوع ۽ تحقيق جي لحاظ کان سنڌي ادب جو اهم ترين سرمايو آهن.