ممتاز بخاري

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ڪهاڻيڪار، ناول نگار، ڊرامانويس، ترجمانگار، ڪالم نويس، تنقيدنگار، پبلشر، ٽي وي هوسٽ، ڊائريڪٽر ۽ صحافي ممتاز بخاري، پهرين جون 1968ع تي گهوٽڪي ضلعي جي ڳوٺ جهانپور شريف ۾ پيدا ٿيو.

تعليم[سنواريو]

پرائمري کان ستين درجي تائين پنهجي ڳوٺ ۾ پڙهيو، اٺين درجي کان مئٽرڪ تائين تعليم ميرپورماٿيلي ۾ گورنمنٽ هاءِ اسڪول مان حاصل ڪـيائين. انٽر گورنمينٽ ڊگري ڪاليج گهوٽڪي مان ڪيائين. شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور مان ’بين الاقوامي تعلقات‘ شعبي ۾ ايم. اي فرسٽ ڪلاس فرسٽ پوزيشن ۾ ڪيائين. ان کان سواءِ آنرس سائيڊ ۾ بي اي به فرسٽ ڪلاس فرسٽ ۾ پاس ڪيائين.

ادبي ۽ صحافتي خدمتون[سنواريو]

اسڪول جي زماني کان ئي سنڌي ٻوليءَ جي مشهور ٻارڙن جي رسالي ”گل ڦل“ ۾ ڪهاڻيون ۽ مضمون لکڻ شروع ڪيائين، بعد ۾ لوڪ ادب ۽ ڪلاسيڪي شاعريءَ جو مطالعو ڪيائين، ڇو ته سندس ڳوٺ جهانپور شريف ۾ صوفي شاعر ۽ بزرگ انور شاه جي درگاه پڻ آهي. سندس تعلق به ان گهراڻي سان آهي.هن جو ترتيب ڏنل پهريون ڪتاب انور علي شاهه جو ڪلام ”انتخاب انور“ آهي.
لطيف يونيورسٽيءَ ۾ پڙهڻ دوران کيس ادبي ماحول ميسر ٿيو، ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ جي صلاح تي ترجما ڪيائين. هن ان دوران سنڌي ۽ اردو ادب پڙهڻ سان گڏ انگريزي ادب جا به ڪيئي ڪتاب پڙهيا.ريڊيي پاڪستان خيرپور جي مختلف پروگرامن ۽ معلوماتي پروگرام”ريڊيو ڄاڻيٽي“ جا اسڪرپٽ لکيائين. هي انسائيڪلوپيڊيا طرز جو پروگرام هو. سنڌي لئنگئيج اٿاٽيءَ جي انسائيڪلوپيڊيا اسڪيم ۾ حصو ورتائين. ممتاز بخاري ريڊيو پاڪستان خيرپور تان به ڪيترا پروگرام ڪيا. ريڊيو لاءِ ٽي ڊراما لکيائين، اخبارن ۽ رسالن ۾ ڪهاڻيون ۽ مضمون لکيائين. هن مختلف اخبارن ۾ سماجيات، سياست، انٿراپالاجي، پاڻيءَ جي مسئلي، ڏوهن جي دنيا، جرڳن ۽ برادرين جي جهيڙن وغيره تي تحقيقي رپورٽون ڊاڪيومينٽريون به لکيون. يونيورسٽيءَ ۾ پڙهن دوران هن جي ڪهاڻين جا ڪتاب ڇپيا جن کي سٺي پذيرائي ملي. يونيورسٽيءَ ۾ ادبي ماحول کي مچائڻ ۾ ممتاز بخاري جو وڏو هٿ آهي. سنڌي ادبي سنگت جي شاخ معرفت هن ڪيئي پروگرام ڪرايا ۽ ادبي مخزن سنڌ سرهاڻ جا پرچا به ڇپرايا.
پهرين آڪٽوبر 2002ع تي دنيا جو پهريون سنڌي سيٽلائيٽ چئنل ڪي. ٽي. اين شروع ٿيو ته ممتاز بخاري سکر ۾ ڪي. ٽي. اين جو فيلڊ پروڊيوسر مقرر ٿيو ۽ اڳتي هلي هو ڪاوش اخبار جي بيورو چيف سان گڏ ڪي. ٽي. اين سکر ريجن جو انچارج ٿيو. هن جون ڪي. ٽي. اين تي ٽي سَوَ کان مٿي ننڍيون وڏيون ڊاڪيومينٽريون ۽ نيوز اسٽوريز هليون آهن. هن مختلف شعبن جي شخصيتن جا انٽرويو به ڪيا ۽ ڪرنٽ افيئر ۽ اليڪشن جي پروگرامن جي هوسٽنگ به ڪئي. هن ٽي وي لاءِ ڊرامن جي شروعات به ڪي ٽي اين تان ڪئي. ”بالي“ ممتاز بخاريءَ جو سيريل K.T.N تي ڏاڍو مشهور ٿيو، جنهن جي ڊائريڪشن ۾ به هن حصو ورتو، ان کانسواءِ ”سندس ڊرامو ”آخري معيار“ ڪي ٽي اين لاءِ پهريون ڊرامو هيو، جنهن زبردست مقبوليت ماڻي. ڪي ٽي اين تي سندس مختلف قسم جي سيريل “ اڪيلايون” کي به سٺي موٽ ملي ته نازو سيريل(هن سيريل جو ڪو رائيٽر ابراهيم کرل هيو) به گهڻي مقبول ٿي. هن سنڌي ٽيلي فلم ”ڍولڻ جاني“ جي به ڊائريڪشن ڏني. سندس ڪجهه آرٽ پليز به هليا. اردو ۾ ڊراما سيريل لکيا اٿائين، “زينت بنت سڪينا حاضر هو” جيو ٽي وي تي هلي اها به مقبول ٿي. ان ڊرامي جي پروديوسرن ۾ مشهور ليکڪا نورالهدى شاه ۽ مهروز ڪريم شامل هئا.
ممتاز بخاري سنڌي ادبي سنگت سنڌ ۾ به تمام گهڻو متحرڪ رهيو آهي، هو 1991ع ۽ 1992ع ۾ ٻه ڀيرا سنگت شاخ شاهه عبداللطيف يونيورسٽيءَ جو سيڪريٽري، 2007ع ۾ سنڌي ادبي سنگت شاخ سکر جو سيڪريٽري، 1994ع کان 1996ع تائين مرڪزي جوائنٽ سيڪريٽري جنرل شمس سومري جي استعيفيٰ بعد هو 9 مهينا سنگت جو قائم مقام سيڪريٽري جنرل رهيو. ’سنڌي ٻولي قومي ڏهاڙي‘ ملهائڻ سان گڏ پاڪستان جي مادري ٻولين کي قومي ٻولين جي درجي ڏيارڻ لاءِ صحيحن جي مهم هلائي، هزار صحيحن جو ڊرافٽ قومي اسيمبليءَ جي ميمبرن تائين پهچايو. س. ا. س لطيف يونيورسٽي شاخ جو رسالو ”سنڌ سرهاڻ“جا ڪجهه پرچا ڪڍيائين. پبلشر طور پريت پبليڪشن ۽ بعد ۾ ٻين دوستن سان ماءِ پبليڪشن شروع ڪيائين. سندس اردوءَ ۾ به ڪتاب ڇپيا آهن. هن جون ڪهاڻيون ۽ ٻيو مواد اردو ۽ انگريزيءَ ۾ به ترجمو ٿي ڇپيو آهي. کيس ادبي، تعليمي، صحافتي ۽ سماجي شعبن ۾ ڪم ڪرڻ عيوض ڪيئي ايوارڊ، شيلڊون ۽ مڃتا سرٽيفيڪٽ به مليا آهن. سندس هي ڪتاب ۽ ناول ڇپيل آهن: (1) ’روپ ٻهروپ‘ (ڪهاڻيون ٻين سان گڏ: 1992ع) پريت پبليڪشن، خيرپور، (2) ’تون خدا آهين!‘ (ڪهاڻيون: 1992ع) پريت پبليڪشن، خيرپور، (3) ’ٻيو چنڊ به ٻڏي ويو‘ (1998ع)، سنڌي ساهت گهر، حيدرآباد، (4) ’کن پل جو ڇانورو‘ (ناوليٽ: 1997ع) سنڌي ساهت گهر، حيدرآباد، (5) ’چونڊيل ڪهاڻيون‘ (ترجمو: حبيب ساجد سان گڏ) 1998ع روشني پبليڪشن، ڪنڊيارو، (6) ’سوفيءَ جي دنيا‘ (جوسٽين گارڊر جي ڪتاب جو ترجمو) 2000ع سنڌيڪا اڪيڊمي، (7) ننڍي کنڊ جا وڏا سياسي قتل 2008ع، سنڌيڪا اڪيڊمي، (8) وتايو فقير(اردو ۾) 2012ع نيشنل بوڪ فائونڊيشن، (9) چور ۽ ڪتا( نجيب محفوظ جي ناول جو ترجمو، 2012ع روشني پبليڪشن ڪنڊيارو، (10) ڪلاس فور جي محبوبا، 2013ع ، ماءِ پبليڪشن وغيره شامل آهن. سندس ڪجهه ڪتابن جا ٻن کان وڌيڪ ڇاپا ڇپيا آهن.[1]

  1. encyclopediasindhiana.org