ببليوگرافي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
(Bibliography کان چوريل)
آسٽريا جي گراز يونيورسٽي لائبريري جي ببلوگرافي

ببليوگرافي (انگريزي: Bibliography) لفظ يوناني ٻوليءَ جي ٻن لفظن”ببلس“ (Biblious) معنيٰ ”ڪتاب“ ۽ ”گرافو“ (Grapho) معنيٰ ٿي ”ڪتاب لکڻ يا نقل ڪرڻ.“ ڪتابيات (Bibliography) اهڙن ڪتابن، رسالن يا مواد جي فھرست جي سڌ ڏيڻ، جن جي مدد سان ڪو بہ مضمون، ڪتاب يا پيپر وغيره لکيو ويو هجي. اهڙي لسٽ هميشہ لکيل مواد جي آخر ۾ ڏني ويندي آهي، جنھن ۾ کنيل حوالي جو نالو ، صفحو، ليکڪ ۽ شايع ڪندڙ اداري جو نالو ۽ سال وغيره ڏنو ويندو آهي.[1]

روس ۾ ھڪ عورت ببلوگرافي جي ڪم ڪندي

مطلب[سنواريو]

موجوده وقت ۾ ببليو گرافيءَ جا ٻہ مکيہ مطلب ورتا ويندا آهن: (1)ڪتابن جي سلسلي وار ترتيب ۽ (2) ڪتابن بابت مستند ڄاڻ.

  1. ڪتابن جي سلسليوار ترتيب: هن قسم جي ببليو گرافيءَ ۾ ڪتابن جي فهرست يا ترتيب اهڙي نموني رکي ويندي آهي، جو محققن، شاگردن ۽ استادن کي ڪتابن حاصل ڪرڻ ۽ حوالا چونڊڻ ۾ آساني ٿئي.
  2. ڪتابن بابت مستند ڄاڻ: هن قسم جي ببليوگرافيءَ کي تجزياتي ببليوگرافي به چئجي ٿو. هي جديد طريقو آهي, جيڪو 20 هين صدي عيسوي ۾ ترقيءَ تي پھتو.

وضاحت[سنواريو]

ببليوگرافي ڪنھن بہ ٻولي ۾ لکيل ڪتابن جي فھرست کي چئجي ٿو. ببليوگرافيءَ هڪ قسم جو آرٽ بہ آهي تہ سائنس بہ، ڇاڪاڻ تہ هن ۾ اهي سڀئي ڳالهيون شامل آهن. جيڪي ٻنهي علمن لاءِ لازمي ٿين ٿيون. جيئن تہ هن وقت دنيا جي هر ترقي يافتہ ٻوليءَ ۾ روزانو سوين ڪتاب پيا ڇپجن. ان ڪري ببليوگرافيءَ کي پڻ مختلف شاخن ۾ ورهايو ويو آهي. مثلاً سائنسي ڪتابن جي جدا ببليوگرافي تيار ڪئي ويندي آهي ته وري ديني، ادب جي جدا، تاريخي ڪتابن، ناولن، شاعريءَ، رسالن ۽ ٻاراڻي ادب جون جدا جدا ببليوگرافيون تيار ڪيون وينديون آهن. موجوده وقت ۾ هن علم اڃا بہ وڌيڪ ترقي ڪئي آهي، جنهن موجب ڪتاب جو نالو، ليکڪ/ مترجم/ مرتب جو نالو، ڪتاب ۾ ڪم آندل پني، جلد بندي، صفحن، ڇپائيءَ جي تاريخ ۽ سال وغيره جي معلومات درج ٿيندي آهي.

سنڌي ٻوليءَ ۾ بہ پاڪستان کان اڳ هندو عالمن، سنڌي ڪتابن جون ببليوگرافيون تيار ڪيون هيون. تازو ڪجهه ادارن سنڌي ڪتابن جون ببليوگرافيون شايع ڪيون، جن ۾ انسٽيٽيوٽ آف ”سنڌالاجي“ ۽ ”سنڌي ادبي بورڊ“ وغيره شامل آهن. جن مان شاگردن، استادن ۽ عام ماڻهن کي سنڌي علم ۽ ادب بابت سٺي ۽ مفيد معلومات حاصل ٿي رهي آهي. مطلب تہ ببليوگرافي ڪتابن بابت هڪ قسم جي ڊائريڪٽري هوندي آهي، جنھن مان پڙهيل طبقو چڱو لاڀ حاصل ڪري سگهي ٿو ۽ آسانيءَ سان گهربل موضوع بابت ڪتاب آسانيءَ سان ڳولي سگهجي ٿو.[2]

حوالا[سنواريو]

  1. ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، سنڌ.
  2. [1] انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد پھريون، سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد.