گرنار

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
(گرناڙ کان چوريل)
گرنار جبل
گرنار جبل تي جين مندر

گرنار (انگريزي: Girnar) ھندستان جي گجرات رياست جي جھوناڳڙھ ضلعي ۾ ھڪ پراڻو جبل آھي. ھي جبل جھوناڳڙھ شھر کان 4 ڪلوميٽرن جي پنڌ تي موجود آھي. ھن جبل جي اوچائي 1118 ميٽر (3672 فوٽ) آھي[1]. ھي جين ڌرم ۽ ھندو ڌرم سان واسطو رکندڙن لاءِ ھڪ نھايت ئي ڀلارو ماڳ آھي[2]. ھن جبل جي مختلف ٽڪرين تي جين ۽ ھندو مذھب جا 866 مندر موجود آھن[3]. ھن جبل تي چڙھڻ لاءِ چاڙھيون ٺھيل آھن. جبل جي سڀ کان اوچي چوٽيءَ تي پھچڻ لاءِ لڳڀڳ 10000 چاڙھيون چڙھڻيون پون ٿيون. گرنار کي مقامي ماڻھو گرينگر (Grinagar) ۽ روتڪ پروتا (Revatak Parvata) بہ سڏيندا آھن. عام خيال آھي تہ ھي جبل ھماليہ کان بہ وڌيڪ پراڻو آھي. ھن جبل گھمڻ جا بھترين مھينا نومبر کان فيبرويءَ تائين آھن. انھن مھينن ۾ موسم ٿڌي ھوندي آھي ۽ جبل جي چوٽيءَ تائين پھچڻ ڪجهه آسان ھوندو آھي. ھڪ ئي ڏينھن ۾ سڄي جبل جو سير ڪرڻ لاءِ صبح جو سوير اٽڪل پنجين بجي چاڙھيون چڙھڻ شروع ڪرڻ کپن. ھتي ڀَوِناٿ ميلو جنوري فيبروريءَ ۾ لڳندو آھي. اھو ميلو پنج ڏينھن ھلندو آھي جنھن ۾ ساڌو اگھاڙا ٿي ڀوناٿ مندر جي سامھون حاضري ڀريندا آھن. رقص ۽ لوڪ موسيقي جو بہ اھتمام ڪيو ويندو آھي. گريناٿ پرڪرام ميلو نومبر جي مھيني ۾ لڳندو آھي.

ھندوئن جا مندر[سنواريو]

ھن جبل جي مختلف ھنڌن تي ھندن جا مختلف مندر موجود آھن. امبا ماتا جو مندر ھتان جي مکيہ مندرن مان ھڪ آھي. ھن مندر تي اڪثر نئين شادي ڪندڙ جوڙا اچي پنھنجي خوشحال شادي شدھ زندگيءَ لاءِ پوڄا پاٺ ڪندا آھن. جبل جي سڀ کان مٿاھين چوٽيءَ تي دتاترِيہ پدوڪا مندر موجود آھي. ھن قديم مندر تي پھچڻ لاءِ جبل جون 9999 چاڙھيون چڙھيون پون ٿيون. مقامي ماڻھن جو عقيدو آھي تہ گرو دتاتريہ جي پدوڪا ھن جبل جي چوٽيءَ تي آرامي آھي. گرو دتاتريہ ٽن ھندو ديووتائن برھما، وشنو ۽ شِوَ جو اوتار آھي. ھن مندر تي ساڌو اگھاڙا ٿي حاضري ڀرڻ ايندا آھن. انھن مان ڪن جو چوڻ آھي تہ ھنن گرو دتاتريہ جو درشن ڪيو آھي.

جين ڌرم جا مندر[سنواريو]

ھي جبل جين ڌرم وارن لاءِ بہ اوتروئي پوتر آھي جيترو ھندوئن لاءِ آھي. جين ڌرم وارن کي يقين آھي تہ ھتي ٻاويھين تيرٿنڪر ڀڳوان نيمي ناٿ نرواڻ حاصل ڪيو ھو. روايتن مطابق، ڀڳوان نيمي ناٿ نرواڻ ھن جبل تي 700 سال عبادت ڪري موشڪا (موت ۽ ٻيھر ڄمڻ کان آزادي) جو مرتبو حاصل ڪيو ھو. سندن اھو بہ عقيدو آھي تہ ايندڙ 24 تيرٿنڪر بہ ھتي نرواڻ حاصل ڪندا. جين ڌرم جا پوئلڳ گرنار جبل کي ”نميناٿ جبل“ سڏيندا آھن. ھتي ٻارھين صديءَ کان سورھين صدي عيسويءَ دوران تعمير ٿيل ڪيترائي دل کي وڻندڙ جين مندر موجود آھن. انھن ۾ ٻارھين صدي عيسويءَ ۾ تعمير ٿيل نميناٿ مندر خاص طور تي مشھور آھي. اھو چيو وڃي ٿو تہ ٻاويھين تيرٿنڪار . جين ڌرم جا مندر گرنار جبل جون 4000 چاڙھيون چڙھڻ سان ڏسڻ ۾ ايندا. گرنار جبل تي اٽڪل 16 جين مندر تعمير ٿيل آھن.

گرنار روپ وي (Ropeway)[سنواريو]

گرنار جبل جو روپ وي ايشيا جو وڏي ۾ وڏو روپ وي آھي. ھي روپ وري 1983ع ۾ منظور ڪيو ويو ھو پر ھن تي 2018ع ۾ ڪم شروع ٿيو ۽ 24 آڪٽوبر 2020ع تي ڀارت جي وزيراعظم نريندر مودي ھن جو افتتاح ڪيو. ھي روپ وي ياترين کي جبل ھيٺان کڻي امبا ماتا جي مندر تائين ڏھن منٽن ۾ پھچائي ٿو. ھن روپ وي جي ڊيگھ 2320 ميٽر آھي[4].

سنڌي شاعريءَ ۾ گرنار جو ذڪر[سنواريو]

شاعرن جي سرتاج حضرت شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ سر سورٺ ۽ سر سارنگ ۾ گرنار جو ذڪر ھيٺئين بيتن ۾ ڪيو آھي:

سر سورٺ

گُلُ ڇِنو گِرنارَ جو، پَٽَڻِ ٿِيُون پِٽِينِ؛

سَھِسين سورَٺِ جَھڙِيُون، اُڀِيُون اوسارِينِ؛

چوٽا چارَڻَ ھٿَ ۾، سِرُ سِينگاريو ڏِينِ؛

ناريُون ناڏَ ڪَرِينِ: ”راڄا راتِ رَمَگيو!

سر سارنگ

موٽي مانڊاڻن جي، واري ڪيائين وار

وڄون وسڻ آئيون، چڱيءَ ڀر چوڌار

ڪي اٿيون استنبول تي، ڪن مڃيا مغرب پار

ڪي چمڪن چين تي، ڪي لھن سمرقند سار

ڪي رمي ويون روم تي، ڪي ڪابل ڪي قنڌار

ڪي دھلي، ڪي دکن، ڪي گڙن مٿي گرنار

ڪن جنبي جيسلمير تان، ڏنا بڪانير بڪار

ڪنين ڀڄ ڀڄائيو، ڪنھين ڍٽ مٿي ڍار

ڪنين اچي عمرڪوٽ تان، وسايا ولھار

سائينم سدائين ڪرين، مٿي سنڌ سڪار

دوست مٺا دلدار، عالم سڀ آباد ڪرين

مشھور شاعر محمد ابراھيم منشيءَ ھي ھڪ بيت ۾ پڻ گرنار جو حوالو ھن طرح ڏنو ويو آھي:

ڪيڏو گوڙ گرنار ۾، ڪيڏي تتي تند،

ڪيڏو سور سرود ۾، ڪير بچائي ڪنڌ،

مادر ڇاتي مڌ، پيئندي پاليا آھيون....!!    

حوالا[سنواريو]

  1. India, Magik. "Mount Girnar, the sacred mountain of Gujarat". MAGIK INDIA. حاصل ڪيل 2022-03-23. 
  2. "Girnar, District Junagadh, Government of Gujarat, India". حاصل ڪيل 2022-03-23. 
  3. "Girnar Hill in Junagadh, Gujarat- Best Places to Visit, Junagadh". www.tourmyindia.com. حاصل ڪيل 2022-03-23. 
  4. Bureau&, Our. "PM Narendra Modi inaugurates Girnar ropeway in Gujarat". www.thehindubusinessline.com. حاصل ڪيل 2022-03-24.