ڪيِري اَنڊَروُڊ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ڪيري انڊروُڊ
پس منظري معلومات
پيدائشي نالو ڪيري ميري انڊروُڊ
تعلق United States شيڪوتاهه، اوڪلاهوما
صنف ڪنٽري ميوزڪ
پيشا ڳائڻي، گلوڪارا
اوزار گِٽار، ڳائڪِي، پيانو
سرگرم سال 2005–حال
Labels Arista/Arista Nashville (2005-present)
19 Entertainment (Management)

ڪيري ميري انڊروُڊ (انگريزيءَ ۾ (انگريزي ٻولي: Carrie Marie Underwood) ) (پيدائش مارچ 10، 1983ع) گريمي اوارڊ کٽيندڙ آمريڪي ڪنٽري ميوزڪ ڳائڪه آهي، جنهن اميريڪن آئڊل جي چوٿين مُندَ پڻ کٽي. انهن ڪاميابين بعد هوءَ گھڻ پلاٽينم وڪامجندڙ ڳائڪه ٿي وئي آهي. سندس تعارفي آلبم سَم هارٽس پنجُوڻ پلاٽينم تصديقيو ويو ۽ نيلسن سائونڊ اسڪين جي تاريخ ۾ ڪنٽري ميوزڪ جو تڪڙو ترين وڪامجندڙ آلبم آهي[1]. اهو ڪنهن به آئڊل کٽيندڙ يا چٽاڀيٽِيندڙ جي تعارفي آلبم کان وڌيڪ وڪامجندڙ آلمب پڻ آهي. انڊروُڊ پهرين اميريڪن آئڊل کٽيندڙ آهي، جنهن ساڳي ئي مند ۾ ميوزڪ جا ٽي ئي مک اعزاز پڻ کٽي ورتا، جن ۾ هڪ آمريڪي موسيقي اوارڊ، پنج بلبورڊ موسيقي اوارڊ، ۽ بهترين نئين فنڪاره سميت ٻه گريمي اوارڊ شامل آهن. .

جيانگاري[سنواريو]

ابتدائي سال[سنواريو]

فائل:Young Carrie Underwood.jpg
انڊروُڊ جي 1999ع ۾ نڪتل تصوير

انڊروُڊ جي پيدائش مسڪوگي ۾ مسڪوگي ريجنل ميڊيڪل سينٽر ۾ ٿِي، ۽ سندس پرورش شيڪوتا اوڪلاهوما جي ديهي علائقي ۾ پنهنجي والدين جي فارم ۾ ٿِي. هُوءَ ڪاغذ جي ڪارخاني ۾ ڪم ڪندي رٽائر ٿيل اسٽيفن ۽ شيڪوتا پبلڪ اسڪول جي رٽائر ٿيل استاد جي ٽِين ۽ آخري ڌيءَ آهي. کيس ٻه وڏيون ڀيڻيون آهن، ڏهه سال وڏي شانا انڊروُڊ مِينس (پيدائش 1973ع)، ۽ تيرهن سال وڏي اسٽِيفنِي انڊروُڊ شيلٽن (پيدائش 1970ع). ٻئي ڄڻيون اوڪلاهوما ۾ ايليمينٽري اسڪول ۾ استاد طور ڪم ڪري رهيون آهن. ڪيري انڊرُڊ ننڍپڻ ۾ رابنس يادگار ٽيلينٽ شو ۾ پرفارم ڪيو هو. هُوءَ فري وِل بيپٽسٽ چرچ جي رڪن آهي. ننڍڙي عمر ۾، هوءَ چرچ ۾ ڳائيندي هُئِي. ان کان سواءِ هن شيڪوتا ۾ منعقد ٿيل اولڊ سيٽلرس ڊي ۽ لائنس ڪلب جي مقامي تقريبن ۾ پڻ ڳاتو.

1996ع ڌاري، جڏهن ڪيري اڃا 13 سالن جي هئي، سندس مينيجر هن لاءِ ڪيپيٽال رڪارڊس وارن کان ڪانٽريڪٽ وٺڻ جي ڪوشش ڪئي هئي. تاهم ڪيپيٽال رڪارڊس ۾ انتظامي تبديلين باعث اهو ممڪن نه ٿي سگھيو.

سن 2001ع ۾ ڪيري چيڪوتا هاءِ اسڪول مان پڙهي نڪتي. تنهن کان پوءِ هن نارٿ ايسٽرن اسٽيٽ يونيورسٽيءَ مان 2006ع ڌاري سڌ سماءُ (ماس ڪميونيڪيشن) ۾ بيچلرس ڊگري حاصل ڪئي، جنهن ۾ سندس مکيه موضوع صحافت هو.

  1. Chart success continues for Carrie Underwood, Country Standard Time News, 2006-02-16, Retrieved on 2007-03-10.

خارجي ڳنڍڻا[سنواريو]