پيچُ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
(ڪنووليوشن کان چوريل)
ٻن مستطيل پلسُن جو پيچ: نتيجتاَ ملندڙ پلس ٽڪنڊوَر آهي. ٻنهي مستطيل پلسُن جي ضرب اپت جو انٽيگرل پيلي رنگ ۾ نمايان ٿيل ايراضي آهي.
آئوٽ پٽ معلوم ڪرڻ لاءِ هڪ مستطيل پلس (بطور اِن پُٽ) جو آرسِي دوري جي امپلس موٽَ سان ڪنووليوشن. سندن ضرب اپت جو انٽيگرل پيلي رنگ ۾ ڏيکاريل ايراضي آهي.

پيچ ٻن فنڪشنس (مثال طور f ۽ g) درميان عمل ۾ ايندڙ اهڙي رياضياتي مشق آهي جنهن سان هڪ ٽيون فنڪشن وجود ۾ ايندو آهي. پيچ گھڻي ڀاڱي ڪراس سهنسبت جيان آهي. پيچ جو استعمال شماريات، ڳڻپيوڪر بصارت، عڪس پردازڪاري، سگنل پردازڪاري۽ برقيائي انجنيئرڱ ۾ ٿي ٿو. ٽاڻوي سگنلس درميان چيڪلائي پيچ لڌو ويندو آهي. پيچ جو ابت عمل نِس پيچ چورائيندو آهي.