ڪنسنٽريشن ڪيمپس

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

نظربندي-قيد (انگريزي ٻولي: Internment), قيدي جا واڙا يا لوڙهن ۾ واڙيل انسان يا ڪنسنٽريشن ڪيمپس (Concentration Camps) هڪ اهڙي قسم جو قيد ٿيندو آهي، جنهن ۾ گهڻو ڪري لوڙهي اندر ڪيئي جايون هونديون آهن. هن قسم جي چوديواريءَ ۾ سياسي قيدي تمام بڇڙين حالتن ۾ رکيا ويندا آهن. هي لفظ پهريون دفعو ڏکڻ آفريقا ۾ هلندڙ بوئرجنگ (1899 کان 1902ع ) دوران ڪتب آيو. جڏهن انگريزن ڊچ نسل جي بوئرن کي ۽ سنڌ ۾ حُرن کي انهيءَ قسم جي واڙن ۾ بند رکيو. جرمنيءَ ۾ هٽلر جي نازي حڪومت سياسي مخالفن ۽ يهودين کي به ان قسم جي قيدي واڙن ۾ ڳاهٽ ڪري ايذاءُ ڏنا. دنيا ۾ اڄ به پٺتي پيل سوچن ر(جعت پسند) جا حڪمران ۽ آمر پنهنجن مخالفن کي بند ڪرائڻ، ڏوهه باسرائڻ يا سياست تان هٿ کڻائڻ لاءِ اهڙن هنڌن تي بند ڪري رکندا آهن، جتي قيدين مٿان ايذاءَ جا نت نوان اوزار ۽ طريقا استعمال ڪيا ويندا آهن. دنيا ۾ موجود ڳجها ادارا هن ڏس ۾ ڪافي بدنام سمجهيا وڃن ٿا. [1]

حوالا[سنواريو]