چيني انقلاب

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

مائوزي تنگ جي اڳواڻيءَ ۾ 1949ع ۾ بادشاهي نظام خلاف چين ۾ انقلاب آندو ويو، ان انقلاب ۾ چين جي هارين بنيادي ڪردار ادا ڪيو، جڏهن ته روس جي انقلاب ۾ پورهيتن اهم ڪردار ادا ڪيو. مائوزي تنگ جي آندل انقلاب کي چيني انقلاب (Chinese Revolution) به سڏيو وڃي ٿو.[1]

ثقافتي انقلاب[سنواريو]

چين جي ڪميونسٽ اڳواڻ مائوزي تونگ 16 مئي 1966ع ۾ هيءُ نظريو يا لاڙو چين ۽ خاص طرح اتان جي ڪميونسٽ پارٽيءَ ۾ آندو. انهيءَ سرگرميءَ هيٺ مائوزي تونگ چيني ڪميونسٽ پارٽيءَ جي انهن ميمبرن کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جيڪي بچاءَ ۽ اقتصادي ميدانن ۾ سوويت يونين تي ڀاڙڻ جا حامي هئا. اِن انقلاب ذريعي مائوزي تونگ چين کي پاڻ- ڀرو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. ان کان سواءِ هن انقلابي حڪمت عمليءَ تحت چيني ڪميونسٽن ۽ عوام منجھ ملڪيت ۽ پئسي لاءِ چاهه وارن لاڙن جو خاتمو آڻڻ لاءِ کين چيني سماج جي پورهيتن سان هٿ ونڊائڻ جي هدايت ڪئي. سياسي ليڊرن، انجنيئرن ڊاڪٽرن وغيره ۽ ٻين سفيد پوشن لاءِ پنهنجي شعبن ۾ ڪم ڪرڻ سان گڏ ڪجهه وقت هارپو، موچڪو ۽ حجامڪو وغيره ڪم به لازمي قرار ڏنو. مائوزي تونگ هن حڪمت عمليءَ ذريعي ”مستقل انقلاب“ جو تصور ڏيئي، هر ان خيال ۽ روايت کي پاڙان پٽڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن مان بورجوا اثر جي ڌپ ايندڙ هجي. اِن تحريڪ جو چيني فوج، نوجوانن ۽ ڪميونسٽ پارٽيءَ تي گهرو اثر پيو. ڪميونسٽ اڳواڻن لِن پيائو ۽ ليو شائوچي جهڙن اڳواڻن انهيءَ انقلاب جي مخالفت ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ ساڻن گڏ اڻڳڻ ماڻهن کي پنهنجي زندگيءَ تان هٿ ڌوئڻا پيا. 1976ع ۾ مائوءَ جي ديهانت سان گڏ اِن ثقافتي انقلاب يا ڪلچرل ريووليوشن (Cultural revolution) جو خاتمو آيو.[2]

حوالا[سنواريو]

  1. سنڌي آنلائين ڊڪشنري[مئل ڳنڍڻو] پاران سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد
  2. سنڌي آنلائين ڊڪشنري[مئل ڳنڍڻو] پاران سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد