ڄام ڪرن

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ڄام ڪرن
سنڌ جو سلطان
ڏيڍ ڏينهن 1398 ۾[1](زياده مناسب لڳندڙ)
پيشرو ڄام علي شير
جانشين ڄام سڪندر اول
جنت السنڌ مطابق:[2]ڄام فتح خان
پورو نالو
ڄام ڪرن پٽ ڄام تماچي سمو
گهراڻو سمو
شاھي گھراڻو سمن جي بادشاھي
پيءُ ڄام تماچي سمو
مذھب اسلام
سنڌ جا ڄام
سما راڄ
"سلطنت دهلي جي تاريخ" ليکڪ ايم. ايڇ. سيد
  1. ڄام انڙ (1336-1339)
  2. ڄام جوڻو (1339-1352)
  3. ڄام بابينو (1352-1367)
  4. ڄام تماچي (1367-1379)
  5. ڄام صلاح الدين (1379-1389)
  6. ڄام نظام الدين پھريون (1389-1391)
  7. ڄام علي شير (1391-1398)
  8. ڄام ڪرن (1398)
  9. ڄام فتح خان (1398-1414)
  10. ڄام جوڻو ٻيون (1414-1442)
  11. ڄام مبارڪ (1442)
  12. ڄام سڪندرشاھ ٻيو (1442-1444)
  13. ڄام راءَ ڏنو (1444-1453)
  14. ڄام سنجر (1453-1461)
  15. ڄام نظام الدين سمو (1461-1508)
  16. ڄام فيروز (1508-1527)

ڄام ڪرن انگريزي (Jam Kiran) سنڌ ۾ سمن جو راڄ دوران ڄام علي شير جي قتل بعد، ڄام ڪرن ڀائرن جي اتفاق سان سنڌ جو حڪمران بنيو.

تفصيلي تعارف[سنواريو]

ڄام ڪرن کي ٺٽي جي مکيه اميرن ۽ درٻارين سان سخت اختلاف ٿيو. ان ڪري هن سلطنت جي واڳن وٺڻ شرط انهن جي قتل جو پروگرام ٺاهيو. ان مقصد لاءِ هن ٻئي ڏينهن تي شاهي درٻار سڏائي ۽ عام خاص ماڻهن سان مختلف عنوانن تي بحث ڪندو رهيو. آخر کاڌي جو دسترخوان وڇايائون ۽ هو کاڌو کائي جاءِ طهارت ڏي ويو ته ڪجهه ماڻهن جي جماعت مٿس حملو ڪيو ۽ کيس اتي ئي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيائون. سندس حڪومت جي مدت ڏيڍ ڏينهن چئي وڃي ٿي.[3]جنت السنڌ مطابق:ڄام ڪرن بن ڄام تماچي گاديءَ تي ويٺو، پر سما منجهانئس خوش ڪين هئا، ڇاڪاڻ ته هن ڄام علي شير کي جو رعايا کي پيارو هو، بيگناهه شهيد ڪرايو هو. تخت تي ويهڻ شرط هن ڪن معزز ماڻهن کي قتل ۽ ڪن کي قيد ڪرايو هو، تنهن ڪري سڀني کي کانئس نفرت هئي. آخر جيئن مجلس مان اُٿي محلات ڏانهن ٿي ويو، تيئن ڪن سربازن هن کي دروازي تي قتل ڪري ڇڏيو. هن فقط اَٺ پهر حڪومت ڪئي.[2]

حوالا[سنواريو]

  1. {جي. ايم سيد جي ڪتاب سنڌ جا ڄام، سما راڄ، سلطنت دھليءَ جي تاريخ جي مطابق}
  2. 2.0 2.1 ڪتاب جو نالو ؛ جنت السنڌ تصنيف؛ رحيمداد خان مولائي شيدائي ايڊيشن؛ پهريون 2000، ٻيون 2006ع ڇپائيندڙ؛ سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي
  3. {ڪتاب:سمن جي سلطنت؛از: غلام محمد لاکو؛ ايڊيشن ٽيون 2005؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو }