پاليسيون جوڙڻ جو عمل

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

پاليسيون جوڙڻ جو عمل يا پاليسي ميڪنگ (انگريزي ٻولي: Policy Making) اصل ۾ هيءُ هڪ اهڙو عمل آهي، جنهن ذريعي ڪن به رخن ۾ عملي طرح اڳڀرائي ڪرڻ کان اڳ فيصلا ڪري انهن فيصلن کي لاڳو ڪرائڻ لاءِ حڪمت عملي جوڙي وڃي ٿي ته جيئن گھربل حاصلات کي ٿيڻ جوڳو بڻائي سگھجي. هيءُ عمل فردن ۽ گروهن جي انهن با اثر حلقن جي ذريعي ٿئي ٿو، جيڪي تنظيمن يا ادارن ۾ مٿڀري حيثيت رکن ٿا. اُهي حلقا جھڙي طرح حالتن جو جائزو وٺي، انهن بابت حل ۽ تجويزون ڏين ٿا، انهن سان لاڳاپيل تنظيم يا اداري جي وجود ۽ تحرڪ بابت بنيادي خاڪو جڙي ٿو. انهيءَ ڪري فيصلي سازيءَ واري عمل ۾ مختلف سطحن ۽ حلقن کان ملندڙ معلومات گهڻي حد تائين اثر انداز ٿئي ٿي، انهيءَ ڪري عام طور هن عمل کي ”پاليسي سائنس“ جي اصطلاح سان واضح ڪيو ويندو آهي بين الاقوامي پاليسي جوڙڻ ۽ ان تي عمل ڪرائڻ هڪ ئي سلسلي جا ٻه پهلو آهن، جن جي بين القوامي تعلقات ۾ وڏي اهميت آهي. گڏيل قومن جي اداري ۾ سلامتي ڪائونسل يا جنرل اسيمبلي وارا جُزا ۽ آءِ ايم ايف يا فلسطيني اختياريءَ جا اهم مشاورتي شعبا هن ڏس ۾ مثال طور پيش ڪري سگھجن ٿا. هن اصطلاح جو ملڪي پرڏيهي پاليسين جي جوڙ جڪ جي حوالي سان به تمام گھڻو استعمال ٿئي ٿو.[1]

حوالا[سنواريو]