ٽين دُنيا

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ٽين دُنيا يا ٿرڊ ورلڊ (Third World) جو علائقو جاگرافيائي حوالي سان انهن ملڪن تي ٻڌل آهي، جيڪي آفريڪا، ايشيا (جاپان کانسواءِ) ۽ پئسفڪ (آسٽريليا ۽ نيوزيلئنڊ کانسواءِ) ٻيٽن تي ٻڌل آهن ۽ گذريل ٻن صدين دوران بيٺڪي راڄ هيٺ رهيا آهن. هيءُ خيال فرانس جي مشهور مُفڪرن ’جارج بلانڊيئر‘ ۽ ’الفريڊ ساوي‘ Tiers Monde جي مفڪرن 1950ع جي ڏهاڪي وارن تصورن منجهان ورتل آهي. جيتوڻيڪ اڄڪلهه ٽين دُنيا بيٺڪي راڄ جي ڪيترين نشانين کي مٽائي چڪي آهي، پر پوءِ به جاگرافيائي ۽ سماجي حوالن سان مٿس پيل پُراڻا اثر اڃا واضح شڪل ۾ موجود آهن. اسرائيل، ڏکڻ آفريقا۽ چين ٽين دُنيا جون ڪيتريون نشانيون رکندي به، بهرحال ٽين دُنيا جي ڪلاسيڪي تصور ۾ نٿا اچن. هن اصطلاح جو بُنياد ”سرد جنگ“ جي شروع ٿيڻ کان پوءِ پيو. عام حوالن سان هي اصطلاح آمريڪي ۽ سوويت بلاڪن کان ٻاهر رهندڙ ملڪن ۽ ويهين صديءَ جي پنجين ڏهاڪي ۾ بيٺڪي راڄ کان آزادي ماڻيندڙ قومن سان لاڳاپيو ويندو آهي. اڳتي هلي دُنيا جي اُسرندڙ ۽ صنعتي طور پوئتي پيل ملڪن کي به ”ٽين دُنيا“ (Ttieen Dunya) جي دائري ۾ ڳڻيو ويو.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. سنڌي آنلائين ڊڪشنري[مئل ڳنڍڻو] پاران سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد