حيدرآباد جو نظام

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
(نظام حيدرآباد کان چوريل)
نظام حيدرآباد جو نشان

نظام الملڪ حيدرآباد جنکي عموماً نظام حيدرآباد جي نالي سان ڄاتو ويندو هو، 1724ء کان1948ء تائين قائم رياست حيدرآباد جر حاڪمن کي چيو ويندو هو۔ هي خطاب مملڪت آصفيه جي حڪمرانن جي لاء استعمال ٿيندو هيو۔ سطح مرتفع دڪن ۾ هي حڪومت مغلن جي زير اثر مقامي نواب مير قمر الدين صديقر قائم ڪئي هئي جنهن 1724ء ۾ آصف جاهه جو لقب اختيار ڪيو ۽ خود مختيار ٿي ويو۔ هي 1707ء ۾ اورنگزيب عالمگير جي وفات کان بعد تيموري سلطنت کي پهچڻ وارو تمام وڏو لوڏو هيو۔

1798ء کان بعد رياست حیدرآباد برطانوي هند جي زير اثر رياستن مان هڪ هئي پر نظام امدروني معاملا خود حل ڪندو هيو۔

1947ء ۾ هندستان جي ورهاست تائين ٻن صدين ۾ ست نظامن نے حيدرآباد تي حڪومت ڪئي۔ تقريبن هي تمام ئي آصف جاهي حڪمران ادب، فن، طرز تعمير، ثقافت، زيورات ۽ جواهرن جا تمام وڏا سرپرست ۽ شوقين هيا۔

نظام حيدرآباد جي هي حڪومت 17 سيپٽمبر 1948ء تي ڀارت جي عسڪري مهم جي خاتمي تائين قائم رهي۔ ان جي نتيجي ۾ نظام کي ڀارتي فوجن جي سامهون هٿيار ڦٽا ڪرڻا پيا۔ گڏيل قومن ۽ لنڊن ۾ حڪومت برطانيا کي موڪليل وفد ۾ دير جي ڪري ڀارت جي سرزمين تي هن آزاد رياست جو وجود ختم ٿي ويو۔ ابتدائي طور تي انکي هندي اتحاد ۾ شامل ڪيو ويو ۽ 1956ء ۾ لساني بنيادن تي ڀنڃي ڪري پاڙيسري رياستن آنڌرا پرديش، ڪرناٽڪ ۽ مهاراشٽر ۾ ورهائي ڪري ختم ڪيو ويو۔

فهرست حيدرآباد جا نظام[سنواريو]

تصوير خطابي نالو ذاتي نالو تاريخ پيدائش تاريخ شروعات حڪمراني تاريخ اختتام حڪمراني تاريخ وفات
نظام الملڪ، آصف جاهه پهريون مير قمر الدين خان 20 آگسٽ 1671ء 31 جولاء 1720ء 1 جون 1748ء
نصير جنگ مير احمد علي خان 26 فيبروري 1712ء 1 جون 1748ء 16 ڊسمبر 1750ء
مظفر جنگ مير هدايت محي الدين سعد الله خان ? 16 ڊسمبر 1750ء 13 فيبوري 1751ء
صلابت جنگ مير سعيد محمد خان 24 نومبر 1718ء 13 فيبروري 1751ء 8 جولاء 1762ء
(برطرف ڪيو ويو)
16 سيپٽمبر 1763ء
نظام الملڪ، آصف جاهه ٻيون مير نظام علي خان 7 مارچ 1734ء 8 جولاء 1762ء 6 آگسٽ 1803ء
سڪندر جاهه، آصف جاهه ٽيون مير اڪبر علي خان 11 نومبر 1768ء 6 آگسٽ 1803ء 21 مئي 1829ء
نصير الدوله، آصف جاهه چوٿون مر فرقندہ علي خان 25 اپريل 1794ء 21 مئي 1829ء 16 مئي 1857ء
افضال الدوله، آصف جاهه پنجون مير تهنيت علي خان 11 آڪٽوبر 1827ء 16 مئي 1857ء 26 فيبروري 1869ء
آصف جاهه ڇهون مير محبوب علي خان 17 آگسٽ 1866ء 26 فيبروري 1869ء 29 آگسٽ 1911ء
آصف جاهه ستون مير عثمان علي خان 6 اپريل 1886ء 29 آگسٽ 1911ء 17 سيپٽمبر 1948ء
(برطرف ڪيو ويو)
24 فيبروري 1967ء