ناڻي لڪائڻ وارو عمل

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ناڻي لڪائڻ وارو عمل يا پاليسي لانڊرنگ (انگريزي ٻولي: Policy Laundering) هڪ اصطلاح آهي. جئين ڪارو ناڻو لڪائڻ واري عمل کي Money Laundering چئبو آهي، تيئن ٻه رياستون جڏهن پنهنجون جوڙيل اصل پاليسيون لڪائي، بظاهر نرم ۽ ڦلهڙا موقف رکي، سڀني سان مهذب ۽ مٺيون ٿي هلنديون آهن، ته ان حڪمت عمليءَ کي ”اصل لڇڻ لڪائڻ“(Policy Laundering) جي اصطلاح سان سڃاتو ويندو آهي. هن دائري ۾ ٻن ملڪن طرفان هڪٻئي سان ٿيندڙ ڳجها معاهدا خاص طور شامل هجن ٿا، ڇاڪاڻ جو پوءِ اهو فيصلو ڪرڻ مشڪل هوندو آهي، ته منجهانئن ڪهڙي ڌر ڪهڙا اقرار ۽ ذميواريون پاڻ تي کنيون هيون. جيئن ته گهڻو ڪري اهي اتحاد، ٻنهي ملڪن جي عوامي ردعمل کان بچڻ يا آئيني ۽ قانوني ادارن جي منظوري نه ملڻ جي ڀَوَ کان ڪيا ويندا آهن، تنهنڪري مجموعي طور نه ڪنهن ڌر کي اجتماعي فائدو پوندو آهي ۽ نه وري علائقي ۾ امن ڀري صورتحال جڙي سگهندي آهي. ان سلسلي جو هڪ چٽو مثال پاڪ آمريڪا لاڳاپا آهن. جن ۾ پاڪستاني حاڪم پارليامينٽ، سپريم ڪورٽ ۽ عوامي دٻاءَ کان ڪَنُ هڻندي، آمريڪا سان تعاون جا کليل معاهدا ڪرڻ کان لهرائين ٿا، پر اندروني طور پاڪستان جي علائقي ۾ مڙني آمريڪي سرگرمين کي ”خاموش اجازت“ مليل هوندي آهي. اهڙي پاليسيءَ جي نتيجي ۾ عارضي طور ڪن شخصن / گروهن جو اقتدار ته مضبوط ٿيو هوندو، پر پاڪستان جي عوام ۽ رياست کي دهشتگردي، بدامني ۽ لاقانونيت کان سواءِ ٻيو ڪجهه نه ملي سگهيو آهي.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. آنلائين سنڌي ڊڪشنري[مئل ڳنڍڻو] پاران سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو.