مخدوم نوح

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
نالو مخدوم نوح
پي جو نالو نعمت الله
پيدائش 911ھ/ 21 فيبروري 1506
وفات 27 ذالعقد 998ھ/ 26 سيپٽمبر 1590ع
پيدائش جو هنڌ ڳوٺ ٽوڙي هالا ڪنڊي، پُراڻا هالا ، سنڌ
ٻولي سنڌي (مادري), فارسي، عربي
مذهب اسلام ، سني، صوفي
شاعري جو دور سما ، ارغون ۽ ترخان

سنڌ ۾ غوث الحق مخدوم الله المعروف به مخدوم نوح بيحيثيت درويش ۽ وڏي گادي جا سجاده نشين طور مشهور آهن ، پاڻ مخدوم نعمت الله جا وڏا فرزند آهن. سندس ولادت 21 رمضان 911ھ/ 21 فيبروري 1506ع تي ڳوٺ ٽوڙي هالا ڪنڊي ۾ ٿي۔ هي ڳوٺ پراڻن هالن کان اندازا ٽن ميلن جي فاصلي تي آهي ۔ مخدوم نوح جو شجره نسب حضرت ابوبڪر صديق رضي الله تعاليٰ عنه سان ملي ٿو ، ڪيترن ئي ڪتابن ۾ مخدوم نوح جي زندگي ۽ ڪرامت جو احوال آيو آهي.

سوانح[سنواريو]

مخدوم نوح ، عربي ڌياني وٽ پڙهيو ۔ اڪثر عالمن جو اهو خيال هو ت مخدوم نوح گهٽ پڙهيل هو پر قرآن شريف جون سمجهاڻيون ٻڌي حيران ٿي ويندا هئا. اهڙو هڪ واقعو سندس ٺٽي ۾ اچڻ سان تعلق رکي پيو، انهن عالمن مان هڪڙي چيو ته انهي وقت مخدوم نوح ھڪڙي آيت جو تفسير ڪرڻ ۾ مصروف هو ۽ مون کي تسبيح هٿ ۾ ھئي ، هر معنيٰ  تي داڻو ڦيرائيندو ٿي ويس ۔ جڏھن مخدوم صاحب خاموش ٿيو ت ڳڻيم ڪل اسي داڻا ٿيا. مخدوم نوح جي علم فضل ۽ ڪرامت جون ڪي ئي ڳالهيون مشهور آهن، سندس ڪيل قرآن شريف جو فارسي زبان ۾ ترجمو هڪ شاهڪار آهي اهڙي هستي کي ٿورو پڙهيل ڪير چوندو ۔ هن جو ڪاتب سندن مريد بهاء الدين گودڙيو هو، جو ٺٽي جي ميمڻ خاندان جو فرد هو، هو مخدوم صاحب جي اولاد جو اتاليق (خانگي استاد) به هو. شاھ عبدالڪريم بلڙي وارو جيڪو مخدوم نوح جو مريد هو، سو بهاء الدين جو ايترو ادب احترام ڪندو هو جو ان جون جتيون سڌيون ڪري رکندو هو.

شاعري[سنواريو]


پيئي جا پرڀات ، سا ماڪ نه ڀانئيو ماڻهئا،
روئي چري رات ، ڏسي ڏکوئين کي،
نه سي جوڳي جوء ۾ ، نه سي سامي واٽ،
ڪاپڙين ڪنواٺ ، وڏي ويل پلاڻيا.

مٿي جن ملفوظات ( بزرگن جو ڪلام ) جو اشارو ڪيو آهي، انهن جي باري ۾ ڊاڪٽر دائود پوٽي چيو آهي ته اهي مخدوم غلام حيدر صديقي وٽ ھئا ۽ انهن جو سنڌي ترجمو ڇپائڻ جو خيال هئن، هيڏانهن هن عظيم خانوادي تي نظر ڪجي ٿي ت حضرت مخدوم نوح کان پوء ھن خنودي ۾ اهل علم درويش ۽ شاعر پيدا ٿيندا آيا آھن ۔ جن تذڪرو به ٿيندو آيو آهي هاڻي مخدوم جميل زمان، تذڪره مخدومان هالا ۾ تمام گهڻي محنت ۽ محبت سان ڪيو آهي ۔

وفات[سنواريو]

پاڻ 85 سالن جي عمر ۾ وفات ڪيائون ۔

پڻ ڏسندا[سنواريو]

حوالا[سنواريو]