قرضي رياست

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

قرضي ملڪ، قرضي قوم يا قرضي رياست يا ڊيٽر نيشن (Debtor nation) مان مراد هڪ اهڙو ملڪ آهي، جنهن جا پرڏيهي ناڻي جا ذخيرا ان رقم کان گهٽ هجن، جيڪا قرض جي صورت ۾ ٻين ملڪن کان حاصل ڪئي هجيس. اهڙي ملڪ جو واپار عدم توازن ۽ معيشيت اڻ جٽادداري جو شڪار هوندي آهي ۽ ملڪي وهنوار هلائڻ لاءِ سدائين ٻين ملڪن آڏو ڪستو جهليو بيٺو هوندو آهي. جڏهن سندس پرڏيهي ناڻي جا ذخيرا صفا گهٽجي ويندا آهن، ته کيس ڏيوالو ڪڍڻو پوندو آهي. ميڪسيڪو جي رياست ان صورتحال مان گذري چڪي آهي، تنهنڪري معاشي طرح ڪنهن به ڏيوالي پذير رياست جي تشبيهه ساڻس ڪئي ويندي آهي.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. سنڌي آنلائين ڊڪشنري[مئل ڳنڍڻو] پاران سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد