فيض بخشاپوري

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

فيض بخشاپوري انگريزي (Faiz Bukhshapuri) (جنم:1922ع- وفات:1992ع) سنڌي ٻوليءَ جو ناميارو شاعر هو جنهن جا سنڌي ۽ فارسي شاعري ۾ ڪيترائي ڪتاب شايع ٿيل آهن.[1]

زندگي جو احوال[سنواريو]

ناميارو شاعر، فيض الله خان ولد مصري خان ڊومبڪي ، 1922ع ۾ ضلعي جيڪب آباد جي تعلقي ڪشمور جي ڳوٺ بخشاپور ۾ پيدا ٿيو. پاڻ کي ”فيض بخشاپوريءَ“ تخلص اختيار ڪيائين. ابتدائي تعليم بخشاپور م ورتائين. ننڍپڻ کان ئي موزون طبيعت هيس؛ جنهن ڪري شعر چوڻ لڳو. سندس والد بزرگوار نهايت سنجيده، پرهيزگار وفادار ۽ مانائتو مڙس هو. وٽس ڪنهن به شيءِ جي ڪمي ڪانه هئي. اهڙي ئي سانتيڪي ۽ سکڻي ماحول ۾ فيض صاحب ابتدائي تعليم جا مرحلا ته تيزيءَ سان طيءِ ڪيا، پر پوءِ وڌيڪ تعليم کي ترڪ ڪري، زمينداري پيشي سان لونءَ لڳايائين. پنجن سالن جي مختصر عرصي ۾ کيس پنهنجي قومي سردار، مير تاج محمد خان ڊومبڪيءَ جي صحبت ملي، جيڪو پڻ سخن شناس اڪابر ۽ وڏو داناءُ هو. ڪلام ۾ بناوت، سجاوت، سلاست، بلاغت، جدت، نفاست ۽ لطافت وغيره جا ڪافي عنصر ملن ٿا. صحافي پڻ رهيو.[1]

وفات[سنواريو]

ناميارو شاعر مارچ 1992ع ۾ وفات ڪري ويو.[2]

حوالا[سنواريو]