فيض احمد فيض

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
نشان امتياز(NP)، لينن پيس پرائيز(LP)، ميمبر آف برٽش ايمپائر(MBE)
فيض احمد فيض
مقامي ٻوليء ۾ نالو فَیض احمد فَیض
پيدائش 13 فيبروري 1911(1911-02-13)
ضلعو ناروال، پنجاب
وفات 20 نومبر 1984 (عمر 73 سال)
لاھور
مدفون ماڊل ٽائون قبرستان، بلاڪ-جي، لاھور
ڌنڌو شاعر ۽ صحافي
ٻولي پنجابي
روسي
انگريزي
اردو
Arabic
فارسي
قوميت پاڪستاني
تعليم عربي ادب
بي.اي.(آنرز)،ايم.اي. .
انگريزي ادب
Master of Arts
مادرِ علمي مري ڪاليج سيالڪوٽ
گورنمينٽ ڪاليج يونيورسٽي لاهور
پنجاب يونيورسٽي
صنف نظم, غزل
موضوع انقلاب، انصاف ۽ پيار
ادبي تحريڪ پروگريسو رائيٽرس موومينٽ
ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان
مُکيه ڪم نقش فريادي
دست صبا
زندان نامہ
ايوارڊ MBE (1946)
Nigar Awards (1953)
Lenin Peace Prize (1962)
HRC Peace Prize
Nishan-e-Imtiaz (1990)
Avicenna Prize (2006)
جيون ساٿي ايلس فيض
اولاد سلمي ھاشمي (b. 1942)
منيزا ھاشمي (b. 1945)

دستخط

فيض احمد فيض (پيدائش: 13 فروری 1911ء– وفات: 20 نومبر 1984ء) برٽش انڊيا جي شھر ناروال جي ڪالا قادر ڳوٺ ۾ ھڪ سيالڪوٽي گھراڻي ۾ جنم وٺندڙ فيض احمد وڏو ٿي اردو جو سڀ کان وڏو ترقي پسند شاعر بڻجي فيض احمد فيض جي نالي سان اردو شاعري جي آسمان تي چمڪيو. پاڻ پاڪستان اندر ترقي پسند تحريڪ جو روح ڦوڪيندڙ ڪميونسٽ خيالن وارو شاعر ھيو

ننڍپڻ ۽ تعليم ۽ ڪيريئر[سنواريو]

سندس پيء ھڪ وڪيل ھيو جيڪو افغانستان جي بادشاھ امير امان اللہ خان جو چيف سيڪريٽري پڻ رھيو ، جنھن امان الله خان جي آتم ڪٿا پڻ لکي ھئي. فيض جي ماء جو نالو فاطمه ھيو. فيض شاعري لکڻ جي شروعات اسڪاچ مشن اسڪول، سيالڪوٽ ۾ ڏھين درجي ۾ پھچندي ڪئي.ھن گريجوئيشن گورنمينٽ ڪاليج لاھور مان ڪئي ۽ ساڳي ڪاليج مان 1932 ۾ انگريزي ادب ۾ ايم اي جي ڊگري حاصل ڪئي. 1935 ۾ محمدن اينگلو اورينٽل ڪاليج،امرتسر ۾ انگريزي ۽ برطانوي ادب جو ليڪچرار مقرر ٿيو. ھن 1936 ۾ سجاد ظھير ۽ صاحبزرادي محمود الظفر سان ملي انجمن ترقي پسند مصنفين جو بنياد وڌو.1942 ۾ فوج ۾ ڪيپٽن جي حيثيت سان ملازم ٿيو ۽ ان جي مقرري عام تعلقاتن جي شعبي ۾ جنرل اڪبر خان رھي. پاڻ 1943 ۾ ميجر ۽ 1944 ۾ ليفٽيننٽ ڪرنل جي عھدي تي فائز رهيو. 1947 ۾ استعفي ڏئي لاھور ۾ رھائش اختيار ڪندي پاڪستان ٽائيمز اخبار جي ايڊيٽر ٿيو ۽ ساڳي سال سجاد ظھير، جلال الدين عبدالرحيم ۽ ٻين سان گڏجي پاڪستان جي ڪميونسٽ پارٽي جو بنياد وڌو. 1948 ۾ پاڪستان ۾ ٽريڊ يونين فيڊريشن جو نائب صدر چونڊيو ويو

ازدواجي زندگي[سنواريو]

1941 ۾ ھن برطانوي شھري ايلس جارج سان سرينگر ۾ شادي ڪئي .ھنن جو نڪاح شيخ محمد عبدالله پڙھايو ۽ انھن ھني مون ڪشمير جي مھاراجا ھري سنگھ جي پري محل ۾ ملھايو.[1]

راولپنڊي سازش ڪيس[سنواريو]

لياقت علي خان آمريڪا جي دوري کانپوءِ ڪميونسٽ پارٽي ۽ پاڪستان سوشلسٽ پارٽيءَ تي بندش لڳائي ڇڏي جنھن بعد 23 فيبروري 1951 ۾ ميجر جنرل اڪبر خان جي گھر تي ھڪ خفيہ ميٽنگ ٿي ان ۾ ٻيا فوجي عملدار ، فيض احمد فيض ۽ سجاد ظھير بہ شريڪ ٿيا ۽ انھن تي الزام لڳو تہ ان ميٽنگ ۾ لياقت علي خان جي حڪومت کي ڪيرائڻ جي منصوبي تجويز ڪئي وئي. اھڙي طرح ان الزام ھيٺ گرفتاريون ٿيون ۽ ڪيس داخل ڪيو ويو جيڪو راولپنڊي سازش ڪيس جي نالي سان مشھور ٿيو. ان ڪيس ۾ فيض کي 9 مارچ 1951 ۾ گرفتار ڪري چار سال سرگوڌا، ساھيوال، حيدرآباد، ۽ ڪراچي جيلن ۾ رکيو ويو جتان 2 اپريل 1955 ۾ آزاد ٿيو.زندان نامہ جا اڪثر نظم ان عرصي ۾ لکيا ھئائين.جيل کان آزادي کان پوءِ لنڊن ھليو ويو ۽ اتي خاندان سميت رھائش اختيار ڪيائين.1964 ۾ لنڊن کان واپس ٿي ڪراچيءَ جي عبدالله هارون ڪاليج ۾ پرنسپال مقرر ٿيو

آخري دور ۽ وفات[سنواريو]

1972 ۾ ذوالفقار علي ڀٽو کيس وزارت ثقافت ۽ تعليم ۾ صلاحڪار مقرر ڪيو. 1979 ۾ ملڪ ڇڏي بيروت ۾ رھائش اختيار ڪيائين پر 1982 ۾ لبنان ۾ خانہ جنگي جي ڪري واپس موٽي آيو. 1984 ۾ لاھور ۾ وفات ڪري ويو

ماڊل ٽائون، بلاڪ-جي، لاھور جي مقام ۾ فيض جي آخري آرامگاهه

اردو ادب جي ڪجهه دانشورن جي اڳيان، فيض احمد فيض (13 فيبروري 1911ع کان 20 نومبر 1984ع)، غالب ۽ اقبال کان پوءِ اردو جو سڀ کان وڏوعظيم شاعر آھي. پاڻ ھند جي ورھاڱي کان پھريون 1911ع ۾ سيالڪوٽ ۾ پئدا ٿيا. پاڻ انجمن ترقي پسند مصنفين تحريڪ جا سرگرم رڪن ۽ ھڪ عظيم اِشتراڪيت پسند ڪميونسٽ ھئا.

حوالا[سنواريو]