فريڊرڪ اينگلس
فريڊرڪ اينگلس | |
---|---|
اينگلز 1877ع ۾ برگٽن ۾ (وليم ھال پاران ٺاھيل تصوير) | |
پيدائش | 28 نومبر 1820 بارمين، پروشيا جي بادشاھت |
وفات | 5 آگسٽ 1895 (عمر 74 سال) لنڊن، انگلينڊ |
قوميت | جرمن |
مشھور ڪم | انگلينڊ ۾ مزدور طبقي جي حالت, اينٽي ڊيوھرنگ, سوشلزم : يوٽوپيا ۽ سائنٽيفڪ, جرمن آئڊيالاجي |
عهد | اوڻويھين صدي جو فلسفو |
علائقو | مغربي فلسفو |
مڪتبه فڪر | ڪانٽينينٽل فلسفو مارڪسزم جدلياتي ماديت تاريخي ماديت |
شعبه عمل |
سياسي فلسفو, معاشيات, طبقاتي جدوجھد, سرمائيداري تي تنقيد |
اهم نظريا |
مارڪسسٽ ٿيوري آف ايلينيئيشن اينڊ اڪسپلائٽيشن آف ورڪر, تاريخي ماديت |
متاثر شخصيتون
| |
سڃاڻپ نشان | |
فريڊرڪ اينگلس(انگريزي: Friedrich Engles) هڪ جرمن ڪارخانيدار جو وڏو پٽ هو، جيڪو 28 نومبر 1820ع تي ڄائو. جڏھن هو جوان ٿيو ته سندس والد انگلينڊ ۾ پنهنجي ڪاٽن فيڪٽري جي سنڀال لاءِ موڪلي ڏنو. اتي غريب پورهيتن جا هانءَ ڏاريندڙ لقاءَ ڏسي کيس ڏاڍو ڏک رسيو، جنهن تي هن ”انگلينڊ ۾ پورهيتن جو حالتون“ نالي ڪتاب لکيو. 1844ع ۾ ڪارل مارڪس جي ”فرينڪو جرمن تجزياتي رسالو“ سان واسطو وڙو پيو. ان کانپوءِ مارڪس سان ملاقات ڪري گڏيل مقصدن لاءِ سرگرم ٿيڻ جو واعدو ڪيائين. 1845ع ۾ جڏھن مارڪس کي فرانس مان نيڪالي ڏني وئي، تڏھن هو لڳاتار مارڪس ۽ سندس خاندان جي مالي سهائتا به ڪندو رهيو. 1846ع ۾ اينگلس ۽ مارڪس برسلس آيا، جتي هنن ” ڪميونسٽ رابطا ڪاميٽي جوڙي “ جنهن تحت پوءِ انهن هڪ ڪانفرنس ڪوٺائي ”ڪميونسٽ ليگ“ جو بنياد وڌو. ڪميونسٽ تحريڪ ۾ ٻنهي جو هڪٻئي سان وڏو ساٿ رهيو. جيئن مارڪس جي ڪتاب ”داس ڪيپيٽل“ (Das Kapital) ڪميونسٽ سوچ کي سائنسي انداز ڏنو، تيئن اينگلس جي ڪتاب ” ڪٽنب، ذاتي ملڪيت ۽ رياست جي شروعات “ ڪميونسٽ تحريڪ کي تاريخي استدلال فراهم ڪيو. فريڊرڪ اينگلس 5 آگسٽ 1895ع تي لنڊن ۾ ديهانت ڪري ويو.[1]
وڌيڪ ڏسو
[سنواريو]حوالا
[سنواريو]- ↑ ڪتاب؛ ڪامريڊ اينگلس