علم بديع
ڏيک
علم بديع يا علم بدايع اهو علم آهي، جنھن جي قانون تي هلڻ ڪري فصاحت ۽ بلاغت حاصل ٿئي ٿي ۽ ڪلام جون سڀ ترڪيبون ۽ صنعتون معلوم ٿين ٿيون، جنھن سان ڪلام سھڻو، پڪو ۽ عمدو بنجي ٿو. ڪلام نثر (منثور) ۽ نظم (منظوم) ٿيندو آهي. ’بدايع‘ صنعتن جو مجموعو آهي، جنهن ۾ معنوي رنگينيون هونديون آهن.[1] ھي عربي زبان جو لفظ آهي، جنھن جي لغوي معنيٰ آھي ”نئين ڄاڻ يا نئين ايجاد“. هي اهو علم آهي، جنھن ۾ فصيح ۽ بليغ ڪلام جي لفظي ۽ معنوي خوبين تي بحث ڪجي ٿو. اصطلاحي زبان ۾ طرز تحرير (نثر خواھ نظم) کي پر ڪشش، خوبصورت، دلڪش، رنگين ۽ پر اثر بنائڻ لاءِ معنائن مان نھايت ڪاريگريءَ کان ڪم وٺڻ کي ”علم بديع“ چئبو آھي.[1]
حوالا
[سنواريو]- ↑ 1.0 1.1 ڪتاب: ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، سنڌ