عظيم سلاو نظريو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

عظيم سلاو نظريو يا پين سلاوزم (انگريزي ٻولي: Pan Slavism) اصل ۾ اوڀر يورپ ۾ 19 صديءَ ۾ هلندڙ هن سياسي، ثقافتي ۽ مذهبي تحريڪ جو مقصد هيو، ته سلاو قوم جي سڀني گروهن کي ملايو وڃي. شروع ۾ فقط سلطنت عثمانيه ۽ آسٽريا جي سلطنتن ۾ رهندڙ هن قوم جا باشندا ان تحريڪ جي حمايت ۾ باقاعده سرگرم هيا، پر 19 صديءَ جي پوئين اڌ ۾، روس به انهيءَ تحريڪ جي حمايت ڪرڻ شروع ڪئي. هن منصوبي پُٺيان اصل محرڪ روس ۽ سربيا هئا، جن جو بنيادي مقصد عثماني سلطنت جو خاتمو ڪرڻ هو.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. سنڌي آنلائين ڊڪشنري[مئل ڳنڍڻو] پاران سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد