عرب اسرائيلي تڪرار

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

عرب اسرائيلي تڪرار (Arab-Israel Conflict) جي حوالي سان ڪجهه مبصرن جو خيال آهي بہ صيهونيت جي مڃتا ۽ عثماني سلطنت جي ناڪاميءَ کانپوءِ دُنيا جي يهودين جي فلسطين ڏانهن ٿيل لڏپلاڻ سان ئي عربن ۽ اسرائيل جي وچ ۾ ڦڏو شروع ٿي ويو هُو، ته ٻين جو خيال آهي تہ اِهو تڪرار، اسرائيل جي وجود ۾ اچڻ سان شروع ٿيو آهي. 1948ع ۾ عرب ملڪن ۽ اسرائيل جي وچ ۾ پهرين جنگ لڳي، جنهن ۾ عرب ملڪن کي وڏي شڪست آئي ۽ اسرائيل فلسطين سميت ڪيترن ئي علائقن تي قبضو ڪري ڇڏيو. عرب ملڪن، خاص ڪري مصر ۽ اسرائيل وچ ۾ ٻي جنگ سوئيز واھ تي قبضي تان 1956ع ۾، ٽين جنگ 1967ع ۾ (جنهن جي نتيجي ۾ سينائي جي رڻ پٽ، غَاذا جي پٽيءَ ، بيت المُقدس، بيت اللحم ۽ هيبرون وغيره جي عرب علائقن تي اسرائيل جو قبضو ٿي ويو) ۽ چوٿين جنگ 1973ع ۾ لڳي. جڏهن تہ 1982ع ۾ آزادي پسند فلسطيني گوريلن خلاف آپريشن ڪندي اسرائيلي فوجن جي طرفان بيروت تي ڪيل ڪاھ کي بہ ڪُجھ مبصر مڪمل جنگ طور ڳڻين ٿا. اولاھن ملڪن ۽ آمريڪي مدد هجڻ ڪري، لڳ ڀڳ سڀني جنگين ۾، اسرائيل کي سوڀ حاصل ٿي، جنهن عربن کي ڏاڍو دلگير ڪيو ۽ سندن فوجي اهليت بابت غيريقيني پيدا ڪئي. اڄڪلھ بہ اهو جهڳڙو هلندڙ آهي، پر هاڻي انهيءَ تڪرار ۾ فلسطيني پاڻ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن، جڏهن تہ ٻين عرب ملڪن جي دلچسپي گهٽجي ويئي آهي.

حوالا[سنواريو]