عدم مُداخلت

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

عدم مُداخلت يا نان انٽروينشن (Non intervention) هڪ اهڙو اصطلاح آهي، جنهن ۾ عام طور ٻين رياستن جي معاملن ۾ هروڀرو ٽنگ اٽڪائڻ کان پري رهڻ جي وضاحت ٿيل آهي. هيءُ بنيادي طور سورهين صديءَ جي ”ويسٽفليائي رياستي نظام“ جو هڪ اهم تصور آهي، جنهن ۾ بادشاهي نظام کي رد ڪندي، رياست لاءِ آزادي ۽ خودمختياريءَ جي ضمانت سميت ڪنهن به رياست ۾ سنئين سڌي مُداخلت جي مُخالفت ڪئي ويئي آهي. ان تصور ۾ ارڙهين صديءَ منجهه مشهور مُفڪرن وولف (1740ع) ۽ Vattel وئٽيل 1758ع ۾ وڌيڪ گهرائي آڻيندي، کيس درٻار جي جوڙجڪ کان ٻاهر ڪڍي، رياستي خوداختياريءَ واري اصطلاح جي اهم وضاحت طور ڪم آندو. هاڻوڪي زماني ۾ عالمي امن ۽ علائقائي سالميت جي حوالي سان هر رياست اصولي طور عدم مُداخلت تي عمل ڪرڻ لاءِ ضروري زور ڏئي ٿي، پر هيءُ اصطلاح حالتن ۽ مسئلن جي نوعيت مطابق تبديل به ٿيندو رهي ٿو. مثال طور، سوويت يونين جي افغانستان ۾ اچڻ کي ”دعوت ذريعي ٿيل مُداخلت“ (Intervention by Invitation) طور ڳڻيو وڃي ٿو، ساڳي طرح ڪيوبا طرفان 1989ع تائين صدر’آگستو نيتو‘ جي انگولائي سرڪار سان سهڪار کي ”مُدافعتي مُداخلت“ (Counter Intervention) جي تصور سان ڀيٽيو وڃي ٿو. جنهن ۾ ڏکڻ آفريڪا جي حُڪومت طرفان حمايت ڪيل، انگولا جي سرڪار مخالف يونيٽا باغين طرفان ٿيندڙ بغاوتن کي مثال طور پيش ڪيو وڃي ٿو. ان کانسواءِ 1981ع ۾ اسرائيل پاران عراق جي ائٽمي تحقيقي مرڪزن تي امڪاني عراقي حملي کان بچاءُ ۾ اڳواٽ مُداخلت (Pre - emptive Intervention) طور پيش ڪيو وڃي ٿو. ان کان سواءِ ٽين دُنيا جي آزاديءَ جي تحريڪن جي حمايت ڪرڻ ۽ انساني حقن جي ڀڃڪڙيءَ خلاف رياستن تي دٻاءُ وجهڻ يا آمر حڪومتن جي پاليسين کي رد ڪرڻ سان پڻ مُداخلت جي روايتي تصور جي ڀڃڪڙي ٿئي ٿي. پر انهن ڀڃڪڙين کي ڪڏهن به مُڪمل طور رد نه ڪيو ويو آهي. عدم مُداخلت جو تصور بُنيادي طور عدم مرڪزيت تي ٻڌل آزاد، خودمختيار ۽ عام طور هڪٻئي سان برميچيندڙ رياستن تي لاڳو ٿئي ٿو. هيءُ تصور اڄ به رياستن تي ٿيندڙ ٻاهرين ڪاهه جي خلاف سڀ کان مضبوط قانوني ۽ اخلاقي هٿيار طور ڪم اچي ٿو.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. سنڌي آنلائين ڊڪشنري[مئل ڳنڍڻو] پاران سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد