عالم چنا

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

عالم چنا دنيا جو سڀ کان قدآور (ڊگهو) انسان ٿي گذريو آهي. هن کي اهو اعزاز 1985ع ۾ حاصل ٿيو. گڙدن جي تڪليف سبب 2 جولاء 1998ع تي نيو يارڪ اسپتال ۾ وفات ڪيائين. سندس مڙهه سيوهڻ ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو.

1981ع تائين ڳوٺ ۾ دربدر رهندڙ عالم چنا جڏهن ڳوٺ مان نڪري شهر پهتو ته هو مشهور ٿي ويو. سندس ڊگهي قد سبب جتي هن کي انيڪ مشڪلاتون پيش آيون اتي هن کي تمام گهڻي شهرت به ملي. 1986ع ۾ عالم چنا جو نالو گنيز بوڪ آف ورلڊ رڪارڊ ۾ ان وقت جي سڀ کان ڊگهي شخص طور تسليم ڪيو ويو. عالم چنا 1956ع ۾ سيوهڻ شريف ويجهو ڳوٺ بچل چنا ۾ پيدا ٿيو. ننڍپڻ ۾ ئي سندس قد عام ٻارن جي مقابلي ۾ تيزي سان وڌندو رهيو. يارهن ڀائرن ۽ ڀينرن جو قد بلڪل عام ۽ ٻين ماڻهن وانگر هيو. 1981ع ۾ دنيا جي سڀ کان ڊگهي شخص ڊان ڪوهلر جي وفات کانپوءِ عالم چني کي اهو عالمي رڪارڊ حاصل ٿيو، ان وقت سندس قد 7 فوٽ ۽ 9 انچ هو. 1991ع ۾ اهو رڪارڊ موزمبيق جي جي جبريل مونجاني وٽ ويو جنهن جو قد 8 فوٽ هو. 1991ع ۾ جبريل جي وفات کانپوء اهو رڪارڊ ٻيهر عالم چنا کي مليو. عالم چنا قد سبب پيشان به رهندو هو جو جهاز، ريل ۽ گاڏين ۾ اٿڻ، ويهڻ ۽ بيهڻ ۾ هن کي وڏي تڪليف محسوس ٿيندي هئي. عالم چنا قد جي مشهوري سبب دنيا جي 100 کان وڌيڪ ملڪن جو سرڪاري خرچ تي دورو ڪيو ۽ ڪيترن ئي ملڪن کيس شهريت ڏيڻ جي پڻ آڇ ڪئي. کيس سڄي دنيا مان 300 کان وڌيڪ اوارڊ مليا. اڳتي هلي کيس گردن جي تڪليف ٿي پئي ۽ 1998ع ۾ ان وقت جي وزير اعظم نواز شريف جي هدايتن تي کيس علاج لاءِ آمريڪا نيو ويو پر هو ان موذي مرض مان نجات ماني نه سگهيو ۽ 2 جولاءِ 1998ع تي نيويارڪ جي اسپتال ۾ انتقال ڪيائين. سندس ميت پاڪستان آڻي کيس سنڌڙي جي شهباز لعل قلندر جي شهر ۾ شهباز ڪالوني ۾ دفن ڪيو ويو.[1][2]

پڻ ڏسو[سنواريو]

حوالا[سنواريو]

  1. عالم چنا : سنڌ جو نوجوان جنهن ڊگهي قد سبب عالمي شهرت ماڻي | SindhSalamat, وقت 2017-08-04 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2016-07-02 
  2. "چنا محمد عالم : (Sindhianaسنڌيانا)". www.encyclopediasindhiana.org (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2020-03-30.