شهزادي (اداڪارا)

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
شھزادي
شھزادي
تاريخ پيدائش: 1941
پيدائش هنڌ:
تاريخ وفات: 2003
هنڌ وفات: ڪراچي

شهزادي، ڄيڪا ”وڏيري“ جي نالي سان پڻ سڃاتي ويندي هئي، سا سنڌ جي ڪلاڪار هئي. ٽي وي ، فلم ۽ ريڊيو جي مشهور فنڪارا_شهزادي ٻن ڏهاڪن تائين سنڌي فلم ۽ ٽي وي ڊرامن جي دنيا تي راڄ ڪندي رهي. هوءَ هڪ اهڙي اداڪارا هئي جنهن هيروئڻ جي مرڪزي ڪردارکان وٺِي ڪريڪٽر ايڪٽريس تائين ۽ بدمعاش ولن جي ڪردارن ۾ پڻ ڀرپور طريقي سان پاڻ ملهائيو.


ٽي وي[سنواريو]

شهزاديءَ پنهنجي فن جي شروعات ريڊيو ڊرامن مان ڪئي، جنهن کانپوءِ هن فلم ۽ ٽي ويءَ تي پڻ ڪم ڪيو. هن هڪ هزار کان وڌيڪ سنڌي،اردو ڊرامن ۾ ڪلاڪاري ڪئي. سندس پهريون ٽي وي ڊرامو “زينت“ هيو، جنهن جو پيشڪش ڪار پاڪستان ٽيليويزن ڪراچي سينٽر جو پروڊيوسر عبدالڪريم بلوچ هيو.اهڙيءَ ريت هن عبدالقادر جوڻيجو ۽ نورالهُديٰ شاهه جي شهرِآفاق ٽي وي سيريل ”جنگل“،”ديوارين“، ”راني ڪي ڪهاني“ ۽ اردوءَ جي ڪيترن ئي ڊرامن ۾ ڪم ڪيو.

فلم[سنواريو]

شهزادِيءَ ڪيترئين ئي سنڌي فلمن ۾ هيروئڻ جو ڪردار ادا ڪيو، جِن ۾ پنو عاقل ۽ پَروُ چانڊيو وغيره شامل آهن. هوءَ سنڌي فلمن ۽ شوبز جي دنيا ۾ “وڏيري“ يعني وڏيءَ جي نالي سان مشهور ٿي.

آخري عمر[سنواريو]

شهزاديءَ پنهنجي زندگيءَ جا آخري ڏينهن ڪمرپسيءَ ۾ گذاريا، بيماريءَ کان پهرئين هِن گهر جو بورچيخانو هلائڻ لاءِ ڪپڙن جو دڪان کوليو ۽ يونيورسٽي روڊ تي ڪراچيءَ ۾ هر آچر جي ڏينهن لڳندڙ بازار پِڙيءَ ۾ ڪپڙي جو اسٽال لڳائيندي رهي.حڪومت پاران سندس ڪا بہ مدد نہ ڪئي وئي، معدي جي ڪينسر جي ڪارڻ هِن جو انتقال ٿيو.

حوالا[سنواريو]