شاهه بهارو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
شاھ بهارو جو مقبرو

شاھ بهارو انگريزي (Shah Baharo) (پيدائش: 5 ذوالحج 1076ھ بمطابق 21 نومبر 1665ع --وفات: 1148ھ بمطابق 1735ع) سنڌ ۾ ميان نصير محمد ڪلھوڙو کان ميان نورمحمد ڪلهوڙو جي ڏينهن تائين ڪلھوڙن جي دور جو وڏو سپھ سالار ۽ ناظم اعلى ٿي گذريو آهي.[1]

زندگي جو احوال[سنواريو]

شاھ بهارو 5 ذوالحج 1078ع بمطابق 21 نومبر 1665ع ۾ ڳوٺ بوبڪ دادو ضلعي (موجوده ڄامشوري ضلعي) ۾ پيدا ٿيو. سندس پيءُ جو نالو غلام حيدر ڄاڻايو ويو آهي. ڪن تاريخدانن موجب شاھ بهارو ذات جو جنجھڻ هو ته ڪن کيس شاهي يا شاهاڻي ڄاڻايو آهي. ڪي مورخ سندس وڏڙن جي اصل رهائش ۽ شاھ بهاري جي پيدائش جوهي دادو ضلعو جو علائقو ڄاڻايو آهي. جوهي تعلقو ۾ شاهاڻي ۽ شاهي قبيلا اڄ به رهن ٿا. شاهي بہ هاڻ شاهاڻي سڏائن ٿا. بهر حال سندس (ڪٿان؟) وڏا مان لڏي اچي چانڊڪا پرڳڻي (موجوده لاڙڪاڻو) ۾ آباد ٿيا. شاھ بهارو پنهنجي شجاعت ۽ بهادريءَ ۾ ڪلهوڙن وٽ نہ صرف مڃتا ماڻي پر ڪيئي معرڪہ سر ڪري اعلى سپھ سالار طور پاڻ مڃائڻ کان علاوه ناظم اعليٰ جو عهدو ماڻيائين.[2]

ڪارناما[سنواريو]

شاھ بهارو وڏو سپھ سالار هو جنهن بابت تاريخ لکي ٿي تہ هيءُ 84 جنگن جو فاتح سپھ سالار هو ۽ چانڊڪا پرڳڻي جو بهترين اعليٰ منتظم يا ناظم بہ هو. هن گھاڙ واھ وسيلي زراعت يا پوکي راهي کي هٿي وٺرائي ۽ سوين کوھ کوٽايا. [3]

مقبرو[سنواريو]

شاھ بهاري جو مقبرو پراڻي سبزي منڊي ويجھو مراد واهڻ محلو (موجوده شاھ بهارو ڪالوني) لاڙڪاڻو شهر ۾ آهي جيڪو ڪلهوڙا طرز تعمير جو نادر نمونو آهي. سندس مقبري جي ٻاهرين توڙي اندرين ديوارن تي فريسڪو پينٽنگ يا نقش نگراري ٿيل آهي. نقش نگاري مغل آرٽ، اسلامي آرٽ توڙي سنڌي آرٽ جو اعلى نمونو آهي. مقبري جي ديوارن تي ڪيليگرافي پڻ ٿيل آهي. هاڻ نقش نگاري ميسارجي ڌيمي رهجي وئي آهي.[1]

وفات[سنواريو]

شاھ بهارو 1148ھ بمطابق 1735ع ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.

حوالا[سنواريو]