سنڌ ڌرتي جي جوڙجڪ، زندگي ۽ تهذيب جو تاريخ وار چارٽ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

  • ساڍا 4 ارب سال اڳ سنڌ ڌرتي تي زندگيءَ جو ڪو به آثار نه هو
  • 4 ڪروڙ 80 لک سال اڳ رني ڪوٽ جابلو سلسلي جو جڙڻ وڻ ٽڻ، گاهه، جيت، مڇيون
  • 4 ڪروڙ 70 لک سال اڳ لڪي ۽ جهمپير وارين ٽڪرين جو جڙڻ وڻ ٽڻ، گاهه، جيت، مڇيون
  • 3 ڪروڙ 60 لک سال اڳ کيرٿر جابلو سلسلي جو جڙڻ وڻ ٽڻ، گاهه، جيت، مڇيون
  • 2 ڪروڙ 70 لک سال اڳ ناري وارين ٽڪرين جو جڙڻ وڻ ٽڻ، گاهه، جيت، مڇيون
  • 1 ڪروڙ 85 لک سال اڳ گاج جابلو سلسلي جو جڙڻ وڻ ٽڻ، گاهه، جيت، مڇيون، انسان جي حيواني نسل کان علحدگي
  • هڪ ڪروڙ 50 لک سال اڳ راما پٿيڪس انسان جو جنم انسان جي ابتدائي شڪل
  • 70 لک سال سواپٿيڪس (Sawapithecus) انسان جو جنم انسان جي ڪجهه سڌريل شڪل
  • 20 لک سال اڳ راوت ۾ اوائلي انسان جون ثابتيون پراڻي پٿر دور جي اوزارن جو استعمال
  • 20 لک سال اڳ منڇر جابلو سلسلي جو جڙڻ انسان، جانور، پکي، وڻ، ٻوٽا
  • 5 لک سال اڳ لوڻي ندي ننگر پارڪر ۾ انسان جي رهائش پراڻي پٿر دور جي انسانن جا اوزار هٿ آيا، ٻولي جي تخليق
  • 50 هزار سال اڳ روهڙيءَ وارين ٽڪرين ۾ انسان جي رهائش پراڻي پٿر دور جي انسانن جا اوزار هٿ آيا، پکين ۽ جانورن جو شڪار، باهه جي دريافت ۽ ٻولي جي تخليق
  • 15 هزار سال اڳ روهڙي، ڪراچي، حيدرآباد ۽ منڇر ڍنڍ وارن علائقن ۾ انسان جي رهائش وچين پٿر دور جي انسانن جا اوزار هٿ آيا، جانور پالڻ ۽ زمين کيڙڻ
  • 8 هزار سال اڳ ڳوٺاڻيون زرعي ثقافتون قائم ٿيڻ، ڪکاواون گهر ٺاهڻ جي شروعات نئين پٿر دور ۾ زرعي سماج جو بنياد، اوائلي گهرن جي اڏاوات
  • 7 هزار 500 سال اڳ مهر ڳڙهه ۾ ڪکاوان گهر ٺاهڻ ۽ ڳوٺ ٻڌڻ ۽ پوکي راهي استعمال جا ٿانون، ڪڻڪ، جون ۽ ڪپهه جون پوکون
  • 4200 ق م م ڪڙي گل محمد ۾ سرن ۽ پٿرن سان گهرن جي اڏاوات سرن ۽ پٿرن سان گهرن جي اڏاوات،
  • 4000 ق - م اٽڪل 4000 ق - م ڌاري سنڌ ۾ ڪنڀارڪي چڪ جو بنياد پيو ڪلي گل محمد ۽ مڊيگڪ ۾ ٿانون چڪ تي ٺهيل مليا
  • 4000 ق - م ڌات ڳولهي لڌي وئي ٽامي مان اوزار ۽ هار سينگار جون شيون ٺهڻ لڳيون
  • 3500 ق م کان پوءِ وڏن شهرن جي اڏاوت موهن جو دڙو، هڙاپا، چانهون جو دڙو
  • 1500 ق م تائين عروج تي پهتل شهري تمدن جو پوئتي پوڻ سوڪهڙي، ڏڪار ۽ ٻوڏن سبب شهر ڦٽڻ لڳا ۽ لڏپلاڻ ٿي
  • 1450 ق م کان پوءِ سنڌو ماٿري ۾ جهڪر ۽ جهانگار تمدن جي شروعا ت ڦٽي ويل شهرن کي جهڪر ڪلچر جي ماڻهن اچي آباد ڪيو

[1]

حوالا[سنواريو]

  1. ڪتاب: سنڌو سڀيتا جي اوسر، ليکڪ؛ رڪ سنڌي آرڪائيو ڪيا ويا 2017-09-12 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين. پاران سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام