سفارتي عملو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

مُلڪي- سفارتي عملو يا ڪنٽري ٽيم (Country Team) اصل ۾آمريڪي سفارتڪاريءَ ۾ استعمال ٿيندڙ هڪ اصطلاح آهي. پرڏيهه ۾ کوليل آمريڪي سفير جي ماتحت ڪم ڪندڙ انهن مک شعبن جي آفيسرن، وزيرن، قونصلرن ۽ نائب سفيرن تي ٻڌل هوندو آهي، جن کي حڪومت ۽ سفارت طرفان مليل ذميوارين جي تڪميل لاءِ جوابدار سمجهيو ويندو آهي. فوجي، زرعي، امدادي، اطلاعاتي، ثقافتي، سياسي ۽ واپاري معاملن/ لاڳاپن بابت ذميواريون کڻندڙ اهي عملدار سڌو سنئون سفير سان رابطو رکندا آهن ۽ کيس پنهنجي سموري ڪارڪردگي پيش ڪرڻ سان گڏ مناسب صلاح مشورا ڏيندا ۽ وٺندا آهن. اهڙي طرح مقرر ٿيل ملڪ ۾ ملڪي مفادن جي تحفظ لاءِ سندن ڪردار ڪنهن حڪومتي ڪابينا جهڙو هوندو آهي ۽ اهي ذميواريءَ واري شعبي ۾ ٿيندڙ هر قسم جي سرگرميءَ تي نظر رکڻ سان گڏ تعاون وڌائڻ لاءِ گڏيل دلچسپيءَ جي معاملن تي ڪم ڪندا آهن.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. سنڌي آنلائين ڊڪشنري[مئل ڳنڍڻو] پاران سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد