سامي

Wikipedia طرفان
ڏانهن ٽپ ڏيو رهنمائي, ڳولا

سامي جو اصل نالو ڀائي چين راءِ بچو مل لنڊ هو. ڀائي چين شڪارپور ۾ 1743ع ۾ ڄائو. هن پنهنجي استاد سوامي مينگهراج ٻانڀڻ جي نالي پٺيان پنهنجو شاعراڻو نالو سامي استعمال ڪيو. ڪٿي ڪٿي ٻانڀڻ کي به تخلص طور ڪم آندو اٿس. سامي جي وفات شڪارپور شهر ۾ ئي 107 سالن جي ڄمار ۾ ٿي. هن جيڪا شاعري ڪئي ان کي "سامي جا سلوڪ" سڏيو وڃي ٿو.