راڄي راوڙي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

راڄي راوڙي سنڌ ۾ ورهاڱي وارو دور ايڏو دردناڪ ۽ ڀيانڪ نـ هو جو سنڌ جي ورهاڱي وارن ڏينهن ۾. اڄ بـ اُها ڏيئي لڳ پراڻي نصيرواه جي چنڊڙي جي پتڻ تي موجود جهوني 100 سال کان بـ وڌيڪ عمر رکندڙ راڄي راوڙي جي صورت ۾ ملي ٿو جنهن کي سنڌ ۾ پناه ملي پر هن کي سنڌ پنهنجو ڪيو . راڄي راوڙي جيڪا اصل ۾ هندستان جي شهر راڌڻ پورواري علائقي جي لاڏائو قبيلي راوڙن سان تعلق رکندڙ آهي. ورهاڱي کان اڳ ۾ هتان جا لاڏائو قبيلا راجستان ۽ ڪڇ تائين ويندا هئا ۽ راجستان ۽ ڪڇ جا لاڏائو قبيلا سنڌ ۾ ايندا هئا ان وقت نـ سرحد هئي . راڄي راوڙي جيڪا ورهاڱي کان چند ڏينهن اڳ ڪارونجهر جي هنج ۾ موجود ننگر پارڪر شهر ۾ سندس عزيزن وٽ گهمڻ آئي تـ اوچتو ورهاڱي جي وڍن واري لڪير نڪري ويئي راڄي راوڙي پنهنجي وطن کان بي وطن ٿي ويئي ۽ هن جو وجود بـ ورهاڱي جي لڪير ٻـ اڌ ڪري ويئي سندس مڙس ۽ چار پٽ راڌڻ پور واري علائقي ۾ رهجي ويا. هاڻ راڄي راوڙي ٿر جي ڀٽن ۾ ڀٽڪڻ لڳي هن جي لاءِ ٿر جي واري جون ڀٽون ۽ لاڙ جا پوٺا اجنبي نـ هئا ڇو تـ هنن لاڏائو قبيلن جو ٿر توڙي لاڙ ۾ لڏي اچڻ ۽ لڏي وڃڻ معمول بنيل هو راڄي جو چوڻ آهي تـ آئون جڏهن ننڍڙي هئس تڏهن بـ هن لاڙ ۽ ٿر ۾ لڏ پلاڻ ڪري ايندڙ سندس مائٽن سان گڏ ايندي هئس. هن جو مڙس ۽ سندس ٻار هندستان جي شهر راڌڻ پور ۾ رهجي ويا ۽ هيءَ سنڌ جي شهر ننگر پارڪر ۾ رهجي ويئي تڏهن ننگر پارڪر جي لاءِ اها چوڻي مشهور هئي پارڪر جا پهاڙ، جهنگ ۽ جهاڙ، رڳو آهي بک ۽ اگهاڙ، رڻ ۽ رائو، لنگهـ لاهو، مال بـ رکن ماهو، تـ بـ ڍائو ڪو ڍونڍيو لڀي! رڻن ۾ رڃ رڳي سڃ ئي سڃ،اچ وڃ جو اهنج، سڄوئي ڀڙڀانگ، نڪو ساٿي نڪو سانگ، جتي ڪانگ جي اک نڪريو پوي.( پراڻو پارڪر منگها رام اوجها) ۽ ها ان ننگر پارڪر جي ان شهر ۾ پنهنجي عزيزن سان ملڻ آئي تـ هن جي لاءِ سندس ئي پنهنجي وطن واپس ورڻ وارو رستو بند ٿي ويو هان وڃڻ لاءِ ويزا ۽ پاسپورٽ جي ضرورت پئجي ويئي هن راڄي راوڙي کي ڪهڙي خبر تـ ويزا ۽ پاسپورٽ ڇا ٿيندو آهي؟ هنن لاڏائو قبيلي جي گذريل ڪيترن ئي نسلن صدين تائين هن برصغير جي مختلف حصن جا الئي ڪيترا صفر ڪيا پر صدين تائين هنن جي بـ نسل جي ڪنهن بـ ماڻهو کي اهو چيئي نـ روڪيو ويو تـ هيڏانهن نـ وڃ هيءَ ٻيو ملڪ آهي، هن جي لاءِ ويزا ۽ پاسپورٽ ٺهرائي پوءِ وڃ، پر هاڻ تـ ويزا ۽ پاسپورٽ جي ضرورت ٿي ويئي . راڄي رواڙي جنهن جو اصل نالو راڄو آهي پر راڄي کيس هتان جا ماڻهو پيار مان راڄي چوندا آهن، هيءُ مائي دردن جي جي لهرن جا لوڏا کائيندي اڃان تائين هندستان جي راڌڻ پور واري علائقي ۾ رهجي ويل پنهنجي مڙس ويرسي مل کي ۽ چئن پٽن کي ياد ڪري روئي پوي ٿي، سندس مڙس ويرسي مل جو تـ نالو اڃا تائين ياد آهي سندس هندستان ۾ رهجي ويل پٽن جا نالا وسري ويا اٿس. جيتوڻيڪ راڄي راوڙي پنهنجي خاندان کان وڇڙڻ کانپوءِ هتي شادي بـ ڪيئي ۽ ان مان چار پٽ جڙيو ، ڏائِلو، رولو۽ طوطو آهن سندس وڏي پٽ جڙيو جي عمر هن وقت 60 سال آهي ۽ کيس 5 ڌيئرون ريشمان،ذهمان، شاڻي، پالوڙي ۽ هردي آهن. هن جهوني راڄي جو اڃان تائين شناختي ڪارڊ بـ نـ ٺهي سهگيو. راڄي عمر جي هن حصي ۾ اڃان تائين محنت ۽ مزدوري ڪري پيٽ گذر ڪري ٿي جنهن ۾ ڀاڄيون ۽ ميوات گڏه تي يا گڏ گاڏي تي کڻي وڃي ڏيئي شهر ۽ ان جي آس پاس وارن ڳوٺن ۾ وڪرو ڪري ٿي هيءَ ڪنهن جي اڳيان هٿ نـ ٿي ٽنگي ۽ پنڻ کي عيب سمجهي ٿي. راڄي راوڙي اڃان تائين پنهنجي برادري جا فيصلا پاڻ ڪندي آهي. هن جو چوڻ آهي عزت ڏجي ۽ وٺجي پنهنجو حق حلال جو ڪمائي کائجي هن جو چوڻ آهي ورهاڱي کان اڳ ۾ راڌڻ پور واري علائقي ۾ آئون ست راڄي سنڀاليندي هئس مطلب ستن راڄن جا فيصلا ۽ نبيرا ڪندي هئس پر قسمت جو مون کي پنهنجي وطن کان پري ڪري ڇڏيو ۽ آنڊن مان ڄاول ٻچن کان وڇڙي ويس انهن لفظن تي راڄي جي اکين مان لڙڪ لڙي ٿا پون.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. ورهاڱي جي ور چڙهيل راڄي راوڙي | SindhSalamat, وقت 2017-08-04 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2016-07-27