دراوڙن جو عقيدو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

اٽڪل 5 هزار قبل مسيح اڳ يا سميري تهذيب جي ابتدا کان 2 هزار قبل مسيح پهريان دراوڙن مشرق قريب واري علائقي ۾ هڪ ڏند ڪٿا پيش ڪئي هئي ته هي دنيا ستن ڏينهن اندر جُڙي راس ٿي آهي. اهڙي ريت هفتي جي ستن ڏينهن تي ڌار ڌار نالا رکيا هئا ۽ زندگيءَ سان گڏ نانگ ۽ ڏاند جي عزت ڪئي ويندي هئي. ڇاڪاڻ ته اهي ديوتا ۽ ديويءَ لاءِ مقدس هئا، جيڪي طاقت، زندگي ۾ ڏاهپ جي علامت سمجهيا ويندا هئا. دراوڙن جو عقيدو هو ته ”آتما جي مڪتي علم ۽ نيڪ عملن وسيلي ممڪن آهي، پر ڪنهن عقيدي ذريعي نه.“ تنهن ڪري اهي سنان ڪندا ۽ تپسيا يا بيپٽزم ڪندا هئا.[1]


پڻ ڏسو[سنواريو]

حوالا[سنواريو]

  1. سنڌ ڌرتي مذهبن جي ماءُ، ائن مورا