مير رسول بخش خان ٽالپر شيرسنڌ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

رسول بخش خان ٽالپر

Mir_Rasool_Bakhsh_Talpur مير صاحب, " ٽنڊو مير محمود خان " ۾ مير نبي بخش خان جي گھر ۾ 23 آڪٽوبر 1920ع ۾ پيدا ٿيو. پاڻ مير علي احمد خان جو ننڍو ڀاءُ ھو.ٻنھي ڀائرن جو ذڪر "مير برادران" جي نالي سان ڪيو ويندو آھي.ٻئي ڀائر ملڪي تاريخ جا وڏي نالي وارا شخصيت ٿي گذريا آھن.مير رسول بخش خان کي "شير سنڌ" جي لقب سان سڏيو ويندو ھو. مير صاحب 1 جون1972ع کان 14 فبروري1973ع تائين سنڌ جو گورنر رھيو.پاڻ گورنري تان استعفي ڏنائين. ضياء دور ۾ ميرصاحب کي 14 مئي 1981ع تي سنڌ جو سينيئر صوبائي وزير مقرر ڪيو ويو جنھن دوران 1 مئي 1982ع تي سندس وفات ٿي. مير صاحب جون سياسي ۽ سماجي طرح وڏو ڪردار رھيو آھي.ھن 3 نومبر 1975ع تي پنھنجي پارٽي " قومي جمھوري تحريڪ " نالي ٺاھي ھئي. مير صاحب جي آخري آرامگاه ميرصاحبن جي آبائي قبرستان ۾ " گنجو ٽڪر " تي آھي.