حميد ڀٽو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

حميد ڀٽو سنڌ جونوجوان دانشور۽ اديب، سياسي ۽ سماجي شخصيت ”حميد ڀٽو“ لاڙڪاڻو هزارين سالن کان زرخيز رهيو آهي، موهن جو دڙو جي مٽي جا اهڃاڻ اهو ثابت پيا ڪن ته اتر سنڌ سان لاڳاپيل لاڙڪاڻو ساهه سيباڻو جا ماڻهو پنهنجي ڌرتي ۽ قوم سان هميشه سلهاڙيل رهيا آهن ۽ انهن جو قومي ترقيءَ ۾ زندگي جي مختلف شعبن ۾ انفرادي خدمتون سرانجام ڏيندا رهيا آهن ۽ ان سان گڏو گڏ پنهنجي ڌرتي جو فرض ادا ڪرڻ لاءِ قربانيون پڻ ڏيندا رهياآهن. انهن عظيم شخصيتن ۾ بئريسٽر جان محمد جوڻيجو، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، شهيد بينظير ڀٽو، شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو، شهيد شانهواز ڀٽو سميت ڪيتريون ئي املهه شخصيتن ڌرتي ۽ عوام جي خدمت ڪندي پنهنجي جان جي قرباني ڏيڻ کان به نه ڪيٻايو. اهڙي طرح سان سماج اندر عوامي ڀلائي سميت سوسائٽي جو درد رکندڙ ٻين املهه شخصيتن کان سواءِ ”حميد ڀٽو“ جي شخصيت جي خوشبو پڻ سماج کي پنهنجي خوشبو سان واسي رهي آهي. حميد ڀٽو جو تعلق به ڀٽو شهيدن جي اباڻي ڳوٺ ڳڙهي خدابخش ڀٽو لڳ سندس ڏاڏي جي نالي سان قائم ٿيل ڳوٺ ”سالار ڀٽو“ سان آهي. حميد ڀٽوتعليمي ڪيريئر سان گڏو گڏ 10 هن سالن جي ننڍڙي عمر ۾ جڏهن شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جهڙي عظيم ليڊر کي ملڪ جي آمر حڪمران جنرل ضياءَ الحق جڙتو الزام هيٺ ڦاهي سزا ٻڌائي ته سنڌ واسين جي مزاج مطابق سندن من ۾ به ڪروڌ ڀرجي ويو ۽ هن به ننڍڙي عمر ۾ ”ايم آرڊي “ تحريڪ ۾ ڀرپور حصو ورتو، ان وقت حميد ڀٽو جي عمر اڃان ارتقائي مرحلي ۾ هئي. ان وقت کان وٺي سنڌ جو درد کيس ورثي ۾ مليل هو، ان ننڍڙي عمر ۾ حميد ڀٽو ”سياست“، ”تعليم“ ۽ ” شوبز“ وارين مصروفيتن ۾ وقت گذارن لڳو، جڏهن ته ٻاروتڻ ۾ عام ٻارڙن جيان ” راند ۽ روند“ کان ان ڪري پاسو ڪندو هو ڇاڪاڻ ته راند ۽ روند کي هو وقت جو زيان تصور ڪندو هو. حميد ڀٽو 6 جولاءِ 1969ع ڌاري حاجي عبدالمجيد ڀٽو جي گهر نئون ديرو روڊ گجڻ پورمحلي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو. هن ابتدائي تعليم جا 3 درجا چنا پرائمري اسڪول لاڙڪاڻي مان پاس ڪرڻ بعد چوٿين کان پنجين درجي واري تعليم لاڙڪاڻي جي جيلس بازار واري اسڪول شاهه محمد پرائمري اسڪول مان حاصل ڪئي، جڏهن ته لاڙڪاڻي جي مشهور هاءِ اسڪول گورنمينٽ پائليٽ هاءِ اسڪول مان مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪرڻ بعد هن گورنمينٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي مان گريجوئيشن جي ڊگري حاصل ڪئي ۽ شاهه عبدالليف يونيورسٽي خيرپرو مان ايم اي سوشيالوجي جي ڊگري حاصل ڪئي. کيس ننڍپڻ کان ئي لکڻ ۽ پڙهڻ سان خاص دلچسپي هئي، ان ڪري ئي هو ٻاروتڻ واري عمر ۾ ڪنهن به قسم جي راندين سان لاڳاپيل نه رهيو، البته حميد ڀٽو ڇهون درجو پڙهڻ دوران هن جناح باغ ۾ ان وقت موجود ”نيشنل سينٽر لائبريري“ لاڙڪاڻي ۾ ميمبرشپ وٺي ،روزانو لائبريري ۾ موجود مختلف موضوعن تي مشتمل جهڙوڪ تاريخ،ادب، سياست ۽ عالمي معلومات عامه وارن ڪتابن جو مطالعو ڪرڻ ۾ گذاريندو هو، ان ئي عرصي دوران يعنيٰ ڇهين جماعت پڙهڻ دوران 1984ع ڌاري سنڌ پيپلز اسٽوڊنٽ فيڊريشن جو باضابطه ميمبر بڻيو ۽ سياست ۾ گهري دلچسپي ورتي ۽ سرگرم ٿيو جنهن ڪري پنهنجي ئي محلي گجڻ پورلاڙڪاڻو۾ ”سپاف“ يونٽ جو جنرل سيڪريٽري چونڊيو ويو ۽ ڪجهه عرصي بعد هو گورنمينٽ پائليٽ هاءِ اسڪول لاڙڪاڻو جي سپاف يونٽ جو صدر چونڊيو ويو. حميد ڀٽو 1986ع کان 1988ع تائين گورنمينٽ پائليٽ هاءِ اسڪول جي يونٽ صدرطور پنهنجون خدمتون سرانجام ڏيندو رهيو اهڙي طرح سان هن باقائده سياست جو آغاز تعليم حاصل ڪرڻ دوران ئي ڪيو ۽ ميٽرڪ جي تعليم حاصل ڪرڻ دوران سال 1988ع ۾ اسڪول جي الوداعي تقريب تحت منعقد ٿيندڙ خاڪن ۾ ”اداڪاري“ پڻ ڪئي، جتي تڏهوڪي ناليواري هدايتڪار ”نياز شيخ“ کيس اسٽيج ناٽڪ ”مراد ِان ٽرپل“ ۾ ڪم ڪرڻ جي پيشڪش ڪئي، ۽ اهو ناٽڪ جنوري 1988ع ۾ پريس ڪلب لاڙڪاڻي جي اڱڻ ۾ پيش ڪيو ويو، جنهن ۾ حميد ڀٽو پوليس آفيسر جو ڪردار ادا ڪيو. ان کانپوءِ حميد ڀٽو اسٽيج ناٽڪن ”ڌرتي دل وارن جي“، ”رشتو گهرجي“، ”هل چريا اوءِ“، ”سنڌ جو رکوالو“، ”دل جي دنيا“، ڊاڪٽر قادر مگسي جي جيل ۾ هجڻ دوران سندس حمايت ۾ منعقد ڪيل اسٽيج ڊرامو ” قادر مگسي“ سميت ٻين اسٽيج ناٽڪن ۾ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو، انهي دوران حميدڀٽو ”لاڙڪاڻو بواءِ اسڪائوٽس“ گروپ ۾ به شامل ٿيو ۽ اسڪائوٽ جي فنڪشن (منعقد ٿيل پروگرام) ۾ ”ڪيمپ فائر“ ۾ پيش ٿيندڙ خاڪن ۾ پڻ بهترين پرفارم ڪيو ۽ ”سنڌ اسڪائوٽس ڪيمپوري“ ميرپور خاص ڪيمپ مان اسڪائوٽنگ جي تربيت حاصل ڪئي، اهڙي طرح سان هن اسڪائوٽس جي دنيا سان تقريبن 1988ع کان 1996ع تائين لاڳاپيل رهيو، جتي هن اسڪائوٽنگ سميت سماجي خدمتون پڻ سرانجام ڏنيون ۽ هو ”لاڙڪاڻو بواءِ اسڪائوٽس“ گروپ جي گروپ ليڊر کان جنرل سيڪريٽري واري عهدي تي فائز رهيو. اهڙي طرح سان 1988ع کان حميدڀٽو پنهنجي پراڊڪشن تحت پروڊيوسرطور اسٽيج ناٽڪ پيش ڪيا جنهن ۾ هن کوڙ سارا اسٽيج ناٽڪ پيش ڪيا، جنهن ۾ سماج جي براين کي وائکو ڪيو ويو ۽ نوجوانن کي بهتري طرف راغب ڪرڻ جي صلاح ڏني وئي، حميد ڀٽو اهڙي سفر ۾ ”ٽائيگر آرٽ اڪيڊمي“ جو بنياد رکيو، جنهن جو چيئرمين خود مقرر ٿيو ۽ نومبر 1988ع ۾ تڏهوڪي ناليواري فلمي هدايتڪار ”شاهه اسد“ سان گڏجي سنڌ جي فنڪارن کي هڪ هنڌ گڏ ڪرڻ لاءِ پهريون ڀيرو ”سنڌ فنڪار تنظيم“ جو بنياد رکيو، جنهن ۾ حميد ڀٽو کي لاڙڪاڻي ۽ سکر ڊويزن جو صدر مقرر ڪيو ويو. فنڪار تنظيم جي پهرين گڏجاڻي المرتضيٰ هائوس لاڙڪاڻي ۾ منعقد ڪئي وئي. حميد ڀٽو جي بهترين ڪارڪردگيءَ کي آاڏو رکندي 1990ع ۾ مڃتا طورکيس ”سنڌ فنڪار تنظيم“ جو مرڪزي رابطا سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو، جنهن جو چيئرمين ”شاهه اسد“ ۽ وائيس چيئرمين ”نور محمد لاشاري“، ”روشن عطا“، ”شهزادي“ ۽ سيڪريٽري جنرل ”انور سولنگي“جهڙيون عظيم شخصيتون شامل هيون.ان دوران 26 ڊسمبر 1990ع تي حميد ڀٽو جي پنو عاقل جي ناز سينيما ۾ سنڌ جي ثقافت فن ۽ فنڪار جي خدمتن عيوض سوني تاج پوشي ڪئي وئي، جنهن ۾ ملڪ جي سوين فنڪارن شرڪت ڪئي. 31 ڊسمبر 1991ع تي ”سنڌ فنڪار تنظيم“ طرفان لاڙڪاڻي ۾ منعقد ٿيندڙ فنڪار ميلي کانپوءِ حميد ڀٽو پنهنجي ساٿي فنڪارن جي صلاح مصلحت سان سنڌ جي فنڪارن جي تنظيم جي مرڪزي قيادت سان اختلافن پيدا ٿيڻ سبب پهرين جنوري 1992ع تي ناليج سينيٽر لاڙڪاڻي ۾ 100 کان وڌيڪ فنڪار تنظيم جي عهديدارن سميت ”سنڌ فنڪار تنظيم ،کان عليحدگي اختيار ڪندي” سنڌي فنڪار ويلفيئر ٽرسٽ“ جو بنياد رکيو، جنهن جو باني چيئرمين حميد ڀٽو کي ئي اڪثريت راءِ سان مقرر ڪيو ويو، جنهن ”سنڌ فنڪار ويلفيئر ٽرسٽ“ کي منظم ڪندي سال 1993 کان 1995 تائين مختلف عهديدار چونڊيا ويا، ان کانپوءِ 1996 کان 1998 تائين ٻيهر نيون چونڊيون ڪرايون ويو ن، جنهن ۾ فن جي دنيا سان لاڳاپيل شخصيتن حصو ورتو ۽ ڪاميابي ماڻي. فن جي خدمت عيوض حميد ڀٽو کي 1999 کان مسلسل ” سنڌ فنڪار ويلفيئر ٽرسٽ“ جو چيئرمين چونڊيو پيو اچي. جڏهن ته 1993ع ۾ حميد ڀٽو پيپلز پارٽي جي ڪلچرل ونگ ۾ لاڙڪاڻي ضلعي جو صدر چونڊيو ويو، انهيءَ کان اڳ سپاف پائليٽ اسڪول جي صدر بعد سپاف تعلقي جو پريس سيڪريٽري ۽ جنرل سيڪريٽري چونڊيو ويو هو، جتان ثقافتي سرگرمين سان دلچسپي سبب کيس پ پ پ ڪلچرل ونگ ۾ چونڊيو ويو، 1995 ۾ ڪلچرل ونگ لاڙڪاڻي ڊويزن جو صدر چونڊيو ويو. 1997ع ۾ سنڌ جو نائب صدر چونڊيو ويو 1999 ۾ سنڌ جو آرگنائيزر ارباب وزير ميمڻ ۽ مخدوم جميل الزمان ۽ سرفراز راڄڙ جن سان گڏ چونڊيو ويو ۽ ڪلچرل ونگ جي سنڌ ۾ تنظيم سازي ڪرڻ ۾ حميد ڀٽو جو اهم ڪردار ر هيوآهي، جنهن دوران حميدڀٽو سوين ثقافتي فنڪشن، ميلا، ناٽڪ ۽ ميوزيڪل پروگرام، سياسي، سماجي، ادبي، ثقافتي، شخصيتن سان رهاڻيون رچائڻ، دنيا کي الودااع ڪري ويل فنڪارن جي يادن ۾ مختلف پروگرام منعقد ڪرڻ ۽ رهاڻيون رچائڻ جهڙا پروگرام پيش ڪيا ۽ سندس مارچ 1997ع دوران لاڙڪاڻي کان ڪراچيءَ ڏانهن اچڻ ٿيو، جنهن جو ڪارڻ ڪراچيءَ ۾ ثقافتي پروگرامن کي هٿي وٺرائڻ سان گڏو گڏ ”سنڌ فنڪار ويلفيئر ٽرسٽ“ کي سنڌ جي گاديءَ واري شهر ڪراچيءَ ۾ فعال ڪرڻ هو، جتي صدر واري علائقي رفيق سينٽر ۾ ”فنڪار هائوس“ قائم ڪري اتان فنڪارن جي سهائتا لاءِ جاکوڙ واري جدوجهد ڪئي ۽ آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان ڪراچي ۾ فنڪار ايوارڊ تقريب 11 آگسٽ 1997 ۾ منعقد ڪندي هڪ سئو 100 کان وڌيڪ ناليوارن فنڪارن کي ايوارڊ ڏنا، اهڙو سلسلو اڄ ڏينهن تائين جاري آهي جنهن تحت ڪراچي ۾ سوين ثقافتي فنڪشن منعقد ڪيا ويا آهن، جنهن ۾ هندوستان کان سنڌي اديبن ۽ فنڪارن کي ڪراچي ۾ گهرائي ثقافتي فنڪشن منعقد ڪرڻ پڻ شامل آهي، انهي کانسواءِ سوين فنڪارن سان ”شام“ملهائڻ ۽ سندن جون ورسيون ملهائڻ ۽ ناليوارن فنڪارن سان رهاڻيون رچائڻ جهڙا پروگرام پڻ شامل آهن. حميد ڀٽو سال 1999ع کان سنڌ فنڪار ويلفيئر ٽرسٽ جو مرڪزي چيئرمين چونڊيو ويو، جنهن سان دوستن جي ساٿ سان اڄ ڏينهن تائين ان عهدي سان سلهاڙيل آهي. حميد ڀٽو کي سال 2002 ۾ پاڪستان مان پهريون ڀيرو هندستان سرڪار جي ماتحت اداري” سنڌي اڪيڊمي دهلي“ جي دعوت تي ناليوارن دانشورن ۽ اديبن جنهن ۾ غلام علي الانا، شمشير الحيدري، قمر شهباز، شوڪت شورو، هدايت بلوچ، عبدالحئي پليجو، بشير مورائي سميت ٻيا شامل آهن انهن سان گڏجي ”انڊيا ڪانفرنس“ ۾ شرڪت ڪرڻ جو موقعو مليو. حميد ڀٽو ”انڊيا ڪانفرنس“ ۾ سنڌي ناٽڪ بابت مقالو پڙهيو جڏهن ته فني دنيا ۾ ڪيل خدمتن عيوض ”انڊيا ڪانفرنس “ ۾حميدڀٽو کي ڪيترن ئي ايوارڊن سان نوازيو ويو. انهيءَ کانسواءِ حميد ڀٽو کي 1995ع ۾ تڏهوڪي وزير اعظم محترمه بينظير ڀٽو ”سنڌي ثقافتي خدمتن“ عيوض ”ڪيش ايوارڊ“ سان نوازيو ۽ تڏهوڪي وڏي وزير سيد عبدالله شاهه ”ڪلچرل ايوارڊ“ سان نوازيو ۽ ان وقت جي حڪومت جي اهم شخصيتن پاران مڃتاطور تمام گهڻا ايوارڊ ڏنا ويا اهڙي طرح سان سال 2000 ۾ حميد ڀٽو صحافت جو باقاعدي آغاز روزاني ”شام“ اخبار حيدرآباد جي ڪراچي آفيس ۾ بيورو چيف طور ڪيو، جتي سيپٽمبر 2003 تائين باقائدگيءَ سان صحافت واري شعبي سان لاڳاپيل رهيو. ان دوران سوين ڪالم، مضمون لکڻ سان گڏ مختلف سياستدانن ۽ فنڪارن جا انٽرويوز پڻ ڪيا ۽ روزاني شام اخبارکي الوداع چوڻ بعد سيپٽمبر 2004 ۾ ”سنڌ ٽي وي“ تي ”ڊائريڪٽر ايوينٽ“ مقرر ڪيو ويو جتي تمام وڏا ثقافتي شوز توڙي فيسٽيول منعقد ڪرڻ سان گڏ ”هڪ شاعر“ هڪ فنڪار“ ۽” ڪچهري “نالي سان پروگرام پيش ڪيا جيتوڻيڪ انهن منعقد ٿيل پروگرامن جو هدايتڪار پڻ پاڻ رهيو جتي سوين فنڪارن کي ٽيليويزن تي متعارف ڪرايو ۽ تمام گهڻا ”وڊيو سانگس“ تيار ڪري رليز ڪيا، ان دوران حميد ڀٽو ٻيهر انڊيا وڃي سنڌي فنڪارن کي انڊيا ۾ متعارف ڪرايو ۽ سنڌي ثقافت کي روشناس ڪرائيندي انڊيا جي 11 وڏن شهرن ۾ 32 شوز منعقد ڪيا ۽ اتان جي وڏن سياستدانن ۽ حڪمرانن کان انٽرويوز ورتا ۽ مختلف شهرن تي ڊاڪيومينٽريز ٺاهيون، جيڪي سنڌ ٽي وي تان پيش ڪيون ويون. جڏهن ته حميد ڀٽو کي مڃتا طور سال 2000 ۾ انگلينڊ جي ”انٽرنيشنل بايوگرافيڪل“ اداري طرفان دنيا جي ثقافتي شخصيتن ۾ چونڊي ”گولڊ ميڊل“ ايوارڊ ڏنو ويو ۽ حميد ڀٽو کي ڏيهه توڙي پرڏيهه مان 100 کان وڌيڪ ايوارڊ مليا آهن. جنهن ۾ سنڌ حڪومت جي ثقافت ۽ سياحت کاتي طرفان مهراڻ ايوارڊ ۽ ڪيش انعام پڻ شامل آهي.حميد ڀٽو ماهوار” فنڪار“ ڪراچي جو چيف ايڊيٽر ۽ ماهوار” مومل“ ميگزين ڪراچيءَ جو ڊپٽي ايڊيٽر پڻ رهي چڪو آهي انهيءَ کانسواءِ روزاني ”اڳواڻ“ لاڙڪاڻي جو اسپيشل رپورٽر، هفتيوار ”رابيل“ لاڙڪاڻي جو اسپيشل رپورٽر، روزاني” يادگار“ سکر جو اسپيشل رپورٽر پڻ رهيو آهي ۽ سنڌ حڪومت جي ثقافت ۽ سياحت کاتي جي وظيفن واري ڪاميٽي جو سال 2002 کان 2005 تائين ميمبر پڻ رهي چڪو آهي. جڏهن ته سال 2006 ڊسمبر جي آخر ۾ هن سنڌ ٽي وي کي الوداع ڪندي 2006 کان 2010ع تائين ”ڌرتي“ ٽيليويزن جي سٿ ۾ شامل رهيو، جتي شروعات ۾ پروگرام مينيجر ۽ بعد ۾ ڊائريڪٽر پروگرامز مقرر ٿيو. حميد ڀٽو ”ڌرتي“ ٽيليويزن تي پنهنجي هدايتن هيٺ 100 کان وڌيڪ ”وڊيو سانگس“ تيار ڪرايا ۽ بعد ۾ پنهنجي ميزبانيءَ هيٺ ”ڌرتي جا گيت“ نالي پروگرام پڻ پيش ڪيو جنهن ۾ سنڌ جي ناليوارن فنڪارن جي زندگي ۽ شخصيت بابت ڄاڻ بعد تن جا ڪلام پيش ڪيا. ان کان پوءِ ڪرنٽ افيئر سيڪشن جو هيڊ ۽ اينڪر پرسن طور پروگرام ”اڄ جي شخصيت ۽ سنڌ جو مقدمو“ نالي تيز ۽ تکن سوالن تي مشتمل پروگرام پيش ڪندو رهيو، جنهن ۾ ملڪ جي اهم سياسي شخصيتن مٿان سنڌ جو مقدمو لاڳو ڪندو رهيو،جڏهن ته هن پهرين جنوري 2011 تي ”ڌرتي“ ٽي وي سٿ کي الوداع چيو، جنهن بعد ”سنڌ فنڪار ويلفيئر ٽرسٽ“ کي وقت ڏئي رهيو آهي. حميد ڀٽو 1997 کان سال 2017 تائين ريڊيو پاڪستان ڪراچيءَ تي مختلف پروگرامن جو ميزبان ۽ انائونسر طور پڻ پاڻ مڃرائي چڪو آهي، جتي پروگرام روشن راهون ۾ حڪومت جي وزيرن، سيڪريٽرين، اديبن، دانشورن، شاعرن، فنڪارن، اداڪارن ۽ سماجي شخصيتن جا هن انٽرويو ورتا، جڏهن ته حميد ڀٽو ڌرتي ٽيليويزن تي ڌرتي جا فنڪار نالي هڪ سنگيت جي پروگرام جو هدايتڪار پڻ رهي چڪو آهي جنهن ۾ پهريون ڀيرو آرڪيسٽرا بينڊ ۾ عورتاڻي آرڪيسٽرا گروپ کي متعارف ڪرايو آهي، سول سوسائٽي پاران اهڙي پيش ڪيل پروگرام کي پڻ تمام گهڻي عوامي مڃتا حاصل ٿي. حميد ڀٽو آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان ڪراچيءَ جو سال 2000 ۾ ميمبر ٿيو ۽ آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان ڪراچيءَ جي ”فوڪ اينڊ هريٽيج“ ڪاميٽي جو سال 2005 ۾ ڪو چيئرمين مقرر ڪيو ويو ۽ سال 2009 ۾ آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان ڪراچي جي ”آڊيو وڊيو ۽ لائبريري ڪاميٽي“ لاءِ ڪو چيئرمين مقرر ڪيو ويو ۽ ساڳئي سال 2009 ۾ ميمبرز ڪو آرڊينيشن ڪاميٽي آرٽس ڪائونسل جو ڪو چيئرمين چونڊيو ويو ۽ آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان لاڙڪاڻو جو بنياد پوڻ بعد کيس 2009ع کان 2010ع تائين ”ڪو آرڊينيٽر“ چونڊيو ويو، جنهن جي واڌاري لاءِ حميد ڀٽو هميشه پاڻ پتوڙيندو رهيو.حميد ڀٽو سال 2001 کان ڪراچي پريس ڪلب جي ميمبرحاصل ڪئي جتي پڻ اهم ڪردار سر انجام ڏئي رهيو آهي ۽ سال 2005 کان هن وقت تائين روزاني ”هلچل، حيدرآباد جو چيف رپورٽر ڪراچي پڻ آهي. حميد ڀٽو ”سنڌي اسپيڪنگ يونين“ جو ميمبر، ”پاڪستان ڪلچرل فورم“، ”ڪراچي يونين آف جرنلسٽ“، ”پاڪستان فلم ٽيليويزن جرنلسٽ فورم جو ميمبر“ 2002 ع کان پڻ آهي، جڏهن ته آڪٽومبر 2009 کان هن وقت تائين هو سوشل سيڪريٽري طور پنهنجون ذميواريون نڀائي رهيو آهي ۽ اپريل 2009 ۾ روزاني ”خواهشون“ نيوز جو مينيجنگ ايڊيٽر مقرر ڪيو ويو.جڏهن ته 2014ع دوران ”ورلڊ ڪلچرل ڪائونسل“ جو سيڪريٽري چونڊيو ويو ۽ سال 2013ع کان هن وقت تائين ”بين المذاهب هم آهنگي“ حڪومت پاڪستان پاران هيومئن رائيٽس ونگ پاران سنڌ جو صدر پڻ مقرر ڪيو ويو. 13 جون 2015ع دوران ”آل سنڌ غريب نواز ويلفيئر ايسوسي ايشن“ ڪراچي ڊويزن جو جنرل سيڪريٽري پڻ چونڊيو ويو. اهڙي طرح سان اوورسيز انٽرنيشنل فورم پاران سنڌ جو ڪنوينر طور پڻ ڪم ڪري رهيو آهي.حميد ڀٽو پاڪستان ٽيليويزن لاءِ 1994 ۾ پشاور سينٽر تي لانگ پلي ڪالا دوپٽا لکيو جنهن ناٽڪ کي عالمي شهرت ملي ۽ کيس پي ٽي وي پشاور سينٽر تان رائيٽر طور ايوارڊ سان نوازيو ويو ۽ حميد ڀٽو ان وقت پي ٽي وي پشاور سينٽر جو ننڍي عمر وارو ليکڪ هو ۽ ٽيليويزن جي دنيا ۾ پهريون ڀيرو ليکڪ طور هن فني سفر جي شروعات ڪئي جنهن ناٽڪ ۾ اداڪاري پڻ ڪيائين، جڏهن ته هن ڪيترين آڊيو ڪيسٽ ۽ سي ڊيز ۾ ڪمپيئرنگ پڻ ڪئي آهي ۽ سنڌ جي تمام وڏن ثقافتي شوز ۾ ڪمپيئرنگ ڪرڻ سان گڏ هندستان جي وڏن شهرن ۾ ٿيندڙ ثقافتي شوز ۽ ڪانفرنس ۾ پڻ ڪمپيئرنگ طور ذميواريون نڀايون آهن ۽ مختلف اخبارن ۾ ڪالم لکڻ جو سلسلو پڻ هلندڙ آهي ۽ فن ۽ فنڪارن سان لاڳاپيل ڪيترا ڪتاب پڻ شايع ڪرايا آهن، سندس سنڌ جي فن سان لاڳاپيل هزارين فنڪارن، اداڪارن راڳين تي مشتمل ڪتاب سنڌ جا فنڪار تياري هيٺ آهي جنهن ۾ سنڌ جي 3 سئو سالن تي مشتمل سنڌ جي فنڪارن جا پروفائيل شامل آهن، جڏهن ته حميد ڀٽوفيبروري 2012ع کان فيبروري 2014ع تائين” بينظير هيلٿ اويئيرنس ريڊيو“ جي اسٽيشن ڊائريڪٽر طور پنهنجون ذميواري پڻ نڀائي ۽ کيس شهيد محترمه بينظيرڀٽوميڊيڪل يونيورسٽي لاڙڪاڻو جو ٻه سال ميڊيا ترجمان پڻ رهيو.جڏهن ته آگسٽ 2014ع کان آڪٽوبر 2014ع تائين ٽن مهينن تائين سنڌ حڪومت جي عورتن جي ترقي واري کاتي جو ”ميڊيا ڪنسلٽنٽ“ رهيو، جنهن بعد پهرئين نومبر2014ع کان 2015 تائين ”فشرمينز ڪوآپريٽو سوسائٽي“ جي ميڊيا ڪوآرڊينيٽرطور پنهنجون خدمتون سرانجام ڏنيون . اهڙي طرح سان حميدڀٽو گذريل 20هن سالن کان سنڌ جي مختلف اخبارن ۾ ”ڪرنٽ افيئر“ تحت آرٽيڪل لکي رهيو آهي، جنهن ۾ سنڌ جي حساس مسئلن کي اجاگر ڪرڻ سميت آرٽيڪلز ۾ موجوده سياسي وايو منڊل ۾ اهم انڪشاف ڪري سول سوسائٽي کي اويئرڪرڻ سميت سنڌ جي مستقبل جا زاويه پيش ڪندو رهيو آهي. جڏهن ته ”بي بي سي ، پي ٽي وي سميت ٻين ٽي وي چينلز تي تجزيا پيش ڪندو رهي ٿو. اهڙي طرح سان حميد ڀٽو بغير ڪنهن ٿڪاوٽ ۽ وقفي جي فن، ادب، ثقافت، شوبز، ڪرنٽ افيئرز ۽صحافتي دنيا ۾ سندس فني سفر جاري آهي. 2016 کان 2017 تائين روٽڙي ڪلب سنڌ جو صدر پن رهيو جنهن بعد 2019 کان 2020 ۾ اسسٽنت گورنر طور روٽڙي ڊسٽرڪٽ 3271 جي عهدي تي پاڻ نڀايو آهي، حميد ڀٽو سال 2017 ۾ پاڪستان ايسڪسلنس ايوارد جي شرعات ڪندي 25 آگسٽ 2019 ٽي ايوارڊ جون تقريبات منعقد ڪرايون آهن جيڪو سلسلو هلندڙ اهي 2019 جي آخر ۾ پاڪستان ايڪسلنس ڪلب جو وجود رکيو آهي جنهجو چيرمين آهي پاڪستان ايڪسلينس ڪلب اهم شخصيتن جي مڃتا جا پروگرام گيسٽ اسپيڪر منحقد ڪيا پيا وڃن.