حضرت لڪي شاھ صدر

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

حضرت لڪي شاھ صدر
معلومات شخصيت
مدفن لڪي شاھ صدر   خاصيت جي حالت تبديل ڪريو مقام دفن (P119) وڪي ڊيٽا تي
سید شاھ صدرالدین لڪياري
اردو: لکی شاہ صدر

مزار حضرت لڪي شاھ صدر لڪياري، لڪي شهر
مذھب اسلام
ٻيو نالو لڪي، شاھ صدر، صدالدین
آخري آرامگاهه لڪي شاھ صدر، سنڌ
وڌيڪ ڄاڻ
شهر لڪي شاھ صدر
خطاب شاھ صدرالدین

لڪي شاھ صدر (انگريزي: Laki Shah Sader) جو پورو نالو سيد صدرالدين ولد سيد محمد شاھ لڪياري هو، سندس شجرو لڪي واري سيد علي سان ملي ٿو جنهن لاءِ تحفته الڪرام جي مصنف مير علي شير قانع ٺٽوي لکيو آهي ته دلوراءِ جي خلاف سندس ڀاءُ ڇٽو امراڻي عرب خليفي وٽ دانهين ويو جنهن سيد علي جي رهنمائي ۾ سؤ عرب سيوهڻ موڪليا ته دلوراءِ وٽس پيش پيو.[1][2]

شجرو[سنواريو]

تاريخ تحفته الڪرام موجب دلوراءِ سيد علي کي پنهنجي ڌي ڏني هئي جنهن سان مسلمان ٿيڻ کان پوءِ سيد عليءَ شادي ڪئي جنهن مان کيس چار پُٽ ڄاوا. سندس پهرئين پُٽ جو نالو سيد محمد هو. سيد صدرالدين المعروف لڪي شاه صدر سيد محمد جو پٽ هو. تحفته الڪرام موجب سندس شجرو هن طرح بيهي ٿو. سيد صدرالدين المعروف لڪي شاھ صدر بن سيد علي بن سيد عباس بن سيد حسين بن سيد ارشد بن سيد زيد بن سيد جعفر بن سيد عمران به سيد هارون بن سيد عبدالله اشرف بن قاسم بن عبدالله بن امام موسى ڪاظم عليه السلام.

زندگي جو احوال[سنواريو]

حضرت لڪي شاه صدر اول آمري شهر ۾ رهندو هو. تحفته الڪرام موجب آمري دلوراءِ سيد علي جي اولاد جي حوالي ڪئي هئي. بعد ۾ شايد سيد علي جي وفات کان پوءِ سيد صدرالدين لڪي شاھ صدر شهر ۾ سڪونت اختيار ڪئي ۽ لڪي شاھ صدر طور مشهور ٿيو. ڊاڪٽر عبدالمجيد سنڌي، سنڌي ادبي بورڊ جي رسالي ٽماهي مهراڻ جي جلد: 2/1989ع ۾ ڄاڻايو آهي ته خواجه معين الدين چشتي جي ملفوظات مان احوال ملي ٿو ته سيوستان پرڳڻ جي ڳوٺ لڪيءَ ۾ درويش شيخ محمد رهي ٿو جيڪو وڏو بزرگ آهي. پنهنجي راءِ ۾ لکي ٿو ته اهو سيد صدرالدين ٿي سگهي ٿو جيڪو ڇهين صدي هجري جي آخر ۽ ستين صدي جي شروعات ۾ لڪي ۾ رهندو هو. لڪيءَ جو قديم نالو لڪي تيرٿ هو پر شاھ صدر جي رهائش ۽ مقبوليت کان پوءِ مٿس نالو لڪي شاھ صدر پئجي ويو.[2]۔ مان مراد به ساڳيو حضرت شاهه صدرالدين لڪياري آهي،جنهن وڏي عمر ۾ وفات ڪئي.[1] نه فقط ايترو پر حضرت سيد عثمان مروندي شھباز قلندر رح به ساڻن مليو ۽ کانئس متاثر ٿيو، ۽ حضرت شاھ لڪي صدر رح پنهنجو پوٽو حضرت قلندر سائين جي خدمت ۾ سپرد ڪيو۔

وفات[سنواريو]

حضرت لڪي شاھ صدر ستين صدي هجريءَ جي شروعات ۾ لڪي شاھ صدر ۾ وڏي ڄمار ۾ وفات ڪئي. سندس مزار لڪي شاھ صدر شهر جي اتر-اولهه ۾ انڊس هاءِ وي ڀرسان عام خاص جي زيارت جو مرڪز بڻيل آهي.[1][2]

حوالا[سنواريو]