حاجي ميان علي محمد

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
حاجي ميان علي محمد
سجادہ نشين درگاھ قادريہ لاڙڪاڻو
تاريخ پيدائش لاڙڪاڻو
تاريخ وفات 1940
مؤثر شخصيتون غلام محمد "گدا"

حاجي ميان علي محمد،(انگريزي: Haji Mian Ali Muhammad) درگاھ قادريہ لاڙڪاڻو جو سجادہ نشين ھيو. سندس پيءُ جو نالو بھاءالدين ھيو. پيء وانگر پاڻ بہ درگاھ جو سجادہ نشين ٿيو. ھن جي تعليم ۽ تربيت ميان غلام محمد "گدا" جي نظر ھيٺ ٿي، جيڪو اعلي پائي جو شاعر ھيو. ميان صاحب کي شاعري ورثي ۾ ملي ھئي. شاعري ۾ سندس سندس استاد غلام محمد "گدا" ھيو . پاڻ ڪافي دفعا حج بہ ڪيائين. بزم مشاعره لاڙڪاڻو سندس محنت جو نتيجو ھو. ھن نه رڳو سنڌ ۾ پھريون مشاعرو قائم ڪيو پر پھرين ڪل سنڌ مشاعرہ ڪانفرنس لاڙڪاڻي ۾ منعقد ڪرائڻ جو سهرو بہ سندس سر تي سونھين ٿو جنھن بعد ادبي ڪانفرنس ڪوٺائڻ جو رواج پيو. ھن ميان غلام سرور فقير سان گڏجي قادريہ پرنٽنگ پريس قائم ڪيائين جنھن مان ٻہ رسالا "الحقيقت" ۽ "گلدستہ" سندس ادارت ھيٺ نڪرندا ھئا ۽ انھن رسالن سنڌي غزل کي مقبول بنائڻ ۾ ڪافي ھٿي ڏني. ميان علي محمد فقيراڻي وصفن جو مالڪ ھيو. سندس انتقال 1940 ۾ ٿيو.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. تاريخي ڄاڻ: روزاني سوڀ ڪراچي تاريخ 25 آگسٽ 2018 صفحو 10