جامع مسجد مڪلي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

هيءَ مسجد شيخ حماد جماليءَ جي مدرسي لڳ ھن وقت زبون حالت ۾ موجود آھي. مسجد جي -اتر- اولھه ۾ شيخ حماد جماليءَ جو مقبرو آهي. ھن کي مائي مڪلي جي مسجد به چوندا آھن، جو مسجد لڳ مائي مڪليءَ جي قبر آھي. ھيءَ مسجد قاضي عبدالله جي مزار جي اتر- اولھه ڪنڊ تي آھي.

روايتن موجب ڄام -تماچي- -بن- ڄام -انڙ- جڏھن دھليءَ کان آزاد ٿي -ٺٽي- پھتو. تڏھن سلطان فيروز شاھ -تغلق- وفات ڪري چڪو ھو. 1388ع ۾ کيس -ٺٽي- جي -تخت- تي ويھاريو ويو. ھن ھيءَ مسجد، حماد جماليءَ جي مدرسي لڳ ٺھرائي. ھي -ان- وقت -جامع مسجد- ھئي. ھن وقت ھيءَ مسجد ڪجهه ڊٺل صورت ۾ موجود آھي، پر نشان ٻڌائين ٿا ته -اوڀر- ۾ وڏي ڀت ڏنل ھئي، جيڪا نمازين لاءِ اڏاوت کان ٻاھر ھوا ۾ نماز پڙھڻ جي جاءِ ھئي. مسجد 64x29 فوٽن جي ايراضيءَ ۾ پکڙيل آھي، جنھن کي ٽي ونگاوان دروازا آھن. ڏکڻ- -اتر- ۽ -اوڀر- وارا دروازا نوڪي ڪمانن تي بيٺل آھن. ديوارن کي چن گاري سان اندران ٻاھران لنبيو ويو آھي. ھيٺ فرش پٿرائون آھي. اندريون ھال مختلف قسم جو ڏيک ڏئي ٿو. ھي ھڪ ڪشادو ڪمرو آھي، درين کي پويان يا اندران بيم ڏنل آھن. وچين دري يا کائنچو ٻين ٻن کان وڏو آھي. وچين دري عمودي نموني خاص شڪل جي ونگن تي بيٺل آھي. اولهه ۾ محراب اٿس، جيڪو -ٽڪنڊي- ڊول جو آھي. ھي سما دور جي اڏاوت جو بھترين نمونو آھي. هن وقت ھي ماڳ -پاڪستان- آرڪيالاجيءَ کاتي جي نظرداريءَ ھيٺ آھي.[1]

حوالا[سنواريو]