جارج اسٽيڪ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ڪيپٽن جارج اسٽيڪ سنڌي ٻوليءَ جي گرامر نويس ۽ سنڌي-انگريزي توڙي انگريزي-سنڌي لغتن جي مرتب طور سڃاتو وڃي ٿو.

تاريخ[سنواريو]

ڪئپٽن جارج اسٽئڪ، مشهور مستشرق ٿي گذريو آهي. هيءُ اوائل ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جو فوجي ملازم ٿي اندازاً 44-1843ع ڌاري بمبئي ۾ آيو ۽ هتي رهندي، هندي ۽ سنسڪرت زبانن ۾ مهارت حاصل ڪيائين. فوج ۾ رهندي کيس ڪئپٽن جو عهدو مليو. جنهن بعد 1845ع ۾ حيدرآباد سنڌ جو ڊپٽي ڪليڪٽر ٿي آيو ۽ سال ڏيڍ اندر هن سنڌي ٻوليءَ تي ايڏي دسترس حاصل ڪري ورتي، جو ان جو بنيادي گرامر ۽ ڊڪشنريون مرتب ڪيائين.

سنڌي گرامر[سنواريو]

جڏهن جولاءِ 1853ع ۾ سنڌي ٻوليءَ جي موجوده لپيءَ کي نئين سر ترتيب ڏني وئي ۽ درس تدريس جي حوالي سان ڌار ڌار موضوعن تي ڪتاب تيار ڪيا ويا ته انهن جي تياريءَ وقت جارج اسٽئڪ جي گرامر کي اوليت حاصل رهي. جارج اسٽئڪ جو سنڌي گرامر (A Grammar of Sindhi Language) ۽ انگريزي سنڌي ڊڪشنري (English Sindhi Dictionary) 1849ع ۾ ڇپجي پڌرا ٿيا. سنڌي ٻوليءَ جي محقق ڏيارام وسڻ مل لکيو آهي ته: ”جارج اسٽئڪ جو سنڌي ويا ڪرڻ ۽ انگريزي سنڌي ڊڪشنري 1849ع ۾ ڇپجي پڌرا ٿيا، پر سندس سنڌي انگريزي ڊڪشنري 1955ع ۾ سندس مرڻ کان پوءِ ڇپائي پڌري ڪئي وئي. اها محنت ۽ اورچائي هن سنڌي ٻوليءَ جي کوجنا ۽ بنيادي ڪتابن لکڻ ۾ ڏيکاري، تنهن سندس جيءَ جهوري وڌو. جنهنڪري هو صاحب سگهو ئي گذاري ويو. ”اها تصديق سر ايلس برو به ڪئي آهي. هن لکيو آهي ته سندس (جارج اسٽئڪ جو) رهيل ڪم، سندس چوڻ مطابق مون پورو ڪيو، جنهن ۾ ڪي خاميون ممڪن آهن ته رهجي ويون هجن، پر مون کي يقين آهي ته ڪئپٽن اسٽئڪ جون تيار ڪيل ڊڪشنريون سول ۽ ملٽريءَ جي آفيسرن لاءِ سنڌي سکڻ ۾ آساني پيدا ڪنديون، مان يقين سان چوان ٿو ته مستقبل جا ليکڪ ڪئپٽن اسٽئڪ جا شڪر گذار رهندا. اميد ته سنڌ جو ماڻهو به ان پهرئين سنڌي لغتدان جو احسانمند رهندو.“

سندس ويچار[سنواريو]

جارج اسٽئڪ جا سنڌي ٻوليءَ ۽ ان جي لپي (Script) بابت ويچار هيٺيئن ريت هئا:

  • (1) سنڌي ٻولي سنسڪرت سٿ جي آهي. ان ڪري ان لاءِ لپي به اهائي استعمال ڪرڻ گهرجي، جيڪا سنسڪرت سٿ جي ٻولين مان هجي.
  • (2) خداآباد لپي (ديوناگري) سنڌ جي خاص پنهنجي ۽ نرالي لپي آهي، جيڪا صدين کان استعمال ٿيندي پئي اچي. ان ڪري سنڌيءَ لاءِ اها لپي اختيار ڪرڻ گهرجي، جيڪا حيدرآباد ۽ ان جي آسپاس وارين ايراضين جا سنڌي واپاري ڪم آڻيندا هئا.
  • (3) سنڌي ٻوليءَ تي عربي، فارسي لپيون مڙهڻ نه کپن.

جارج اسٽئڪ کي سنڌي انگريزي لغت جي تياريءَ ۾ حيدرآباد سنڌ جي ٻن برهمڻن، سچانند ۽ ڄيٺانند وڏي مدد ڪئي هئي. جارج اسٽئڪ عيسائين جي هڪ مذهبي ڪتاب ’گوسپل آف سينٽ ميٿيو‘ جو به ترجمو ڪيو هو، جيڪو ان وقت اسڪولن ۾ پڙهايو ويندو هو. هن لساني ماهر ڊسمبر 1855ع ۾ وفات ڪئي. سندس ديوناگري- انگريزي- سنڌي لغت، تازو سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ پاران 2010ع ۾ ڇپائي وئي آهي.[1]

حوالو[سنواريو]

حوالا[سنواريو]