تڪرار ماٺارڻ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

تڪرار ماٺارڻ يا ڪانفلڪٽ مينيجمينٽ (Conflict Management) ڪنهن خطي يا ڪن مُلڪن يا ٻن گروهن وچ ۾ تڪرار کي خطرناڪ صورتحال اختيار ڪرڻ کان بچائڻ لاءِ جاکوڙ کي ماٺارڻ واري حڪمت عملي سڏجي ٿي. اها حڪمت عملي گڏيل تڪرارن ۾ ٻيءَ ڌُر کي اڳرائيءَ کان روڪڻ ۽ بَرُ ميچڻ (Deterrence) جي اصولن تحت جوڙي وڃي ٿي. عام طرح چيو وڃي ٿو ته طاقت جو توازن (Balance of Power) اصل ۾ تڪرار ماٺارڻ جي حڪمت عمليءَ آهي، جنهن ۾ امن واري صورتحال کي تڪرار جي نبيري لاءِ هٿيار طور استعمال ڪيو ويندو هو. پر پوءِ مُختلف طاقتن طرفان ان جي غلط استعمال ڪارڻ، اهو عمل پاڻ تڪرار وڌائڻ جو ذريعو ثابت ٿيو.[1]

حوالا[سنواريو]