تُرت رابطو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

تُرت رابطو يا هاٽ لائين (Hot Line) ٽيليفوني رابطي جو اهڙو قسم آهي، جنهن ۾ بنا ڪنهن رڪاوٽ جي، گهربل منزل تائين تڪڙو رابطو ٿي سگهندو آهي. ٻي عالمي لڙائيءَ جي پڄاڻيءَ کانپوءِ آمريڪا ۽ سوويت روس وچ ۾ سرد جنگ شروع ٿي، جنهن ۾ ڏينهون ڏينهن واڌارو ايندو ويو. ان وڌندڙ ڇڪتاڻ سبب عالمي سياسي منظر ٽڪراءَ جي شڪل اختيار ڪئي. ڪنهن وڏي حادثي يا لڙائيءَ کان بچڻ ۽ ڏهڪائيندڙ مسئلن کي ڳالهين ذريعي حل ڪرڻ لاءِ، 20 جون 1963ع ۾ آمريڪا ۽ سوويت روس وچ ۾ ٽيليفون ۽ ٽيليگراف جو رابطو قائم ڪيو ويو، جنهن کي ”هاٽ لائين“ جو نالو ڏنو ويو. اهو رابطو سنئون سڌو ٻنهي ملڪن جي صدرن وچ ۾ قائم ٿيو. ان مثال جي پيروي ڪندي، ٻين ملڪن مثال طور: پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ به اهڙا رابطائي سرشتا قائم ٿيا.[1]


حوالا[سنواريو]

  1. سنڌي آنلائين ڊڪشنري[مئل ڳنڍڻو] پاران سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد