بسنت هال

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

بسَنت هالُ (Besant Hall) حيدرآباد شهر ۾ جنرل پوسٽ آفيس جي سامهون، مرڪزي ٿياسافيڪل هال، مسز ايني بيسنت جي نالي ورهيه 1901ع ۾ اڏايو ويو ۽ ان جو افتتاح 1917ع ۾ خود ايني بسنت (Annie Besant) ڪيو. ٿياسافيڪل سوسائٽيءَ جي نگرانيءَ ۾ هلندڙ هن هال ۾ اڄ به مختلف سماجي، سياسي، ادبي ۽ ثقافتي پروگرام ٿيندا رهندا آهن. [1]

حوالا[سنواريو]

  1. انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا پاران سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد