اڏيرو لال
اڏيرو لال | |
---|---|
معلومات شخصيت | |
ترميم |
اڏيري لال جي شخصيت بابت سنڌ ۾ ٻه روايتون هلندڙ آهن. هندو کيس ”اڏيري لال“ جي نالي سان جهولي لال (Jhoolay Laal) جو اوتار سمجهن ٿا. سندن روايت موجب، اڏيرو لال نصرپور جي رتنراءِ لوهاڻي جي گهر ۾، چيٽي چنڊ، 1007 سنبت ۾ ڄائو. ڄمڻ وقت ايستائين ماءُ جو کير نه پيتائين، جيستائين سنڌو درياءُ جو پاڻي سندس منهن ۾ نه پيو. ان روايت مطابق کيس ”درياهه شاهه جي اوتار“ جي نالي سان پڻ ڄاتو ويندو آهي. اڏيري لال جا هزارين مريد اڄ به هندستان ۽ سڄي دنيا ۾ رهن ٿا، جيڪي هرسال چيٽي چنڊ ملهائيندا آهن. چيٽي چنڊ جي ميلي جي موقعي تي سنڌ ۾ به اچي گڏ ٿيندا آهن، ۽ اڏيري لال جا ”پنجڙا“ ڳائيندا آهن ۽ بهراڻا ڪڍندا آهن. ڀارت ۾ اڏيري لال جو ڏِڻ ”سنڌيت“ جو خاص اهڃاڻ آهي. هن بزرگ کي ”جهولي لال“ ۽ ”پلي وارو پير“ چوندا آهن.
اڏيري لال جو تصور قديم زماني کان هلندو ٿو اچي، جنهن ۾ عام مڃتا موجب ”سڄي جهان جو مدار پاڻي آهي“، واري خيال جو تسلسل سمايل آهي. مسلمانن وري انهيءَ خيال کي خواجه خضر واري روپ ۾ محفوظ ڪيو. سنڌ ۾ درياهه جتان جتان لنگهيو، اتي اڏيري لال جا آستان ٺهيا، ۽ درياهه شاهه جي پوڄا جو سلسلو هليو ۽ جاري رهيو. هن وقت به ساڌٻيلي، روهڙيءَ، نصرپور، سيوهڻ، ٺٽي ۽ ٻين گهڻن ئي هنڌن تي اڏيري لال جا آستانا آهن.
اڳوڻي ضلعي حيدرآباد (۽ هاڻي ضلعي مٽياريءَ ۾) اُڏيري لال جو آستان درياهه جي ڪپر تي، جهيجن جي ڳوٺ ۾ هو، جيڪوهاڻي ”اڏيرو“ سڏجي ٿو. اتفاق سان انهيءَ هنڌ تي مشهور درويش شيخ طاهر جي مزار پڻ هئي، جنهن کي پوءِ اڪبر بادشاهه ڪوٽ ڏياريو. پر هڪڙي هندو اڳواڻ بيدار سنگهه پٽ شامداس اُڏيري جي آستان جي سنبت 1634 ۾ اڏاوت ڪرائي. هن وقت اڏيري لال جي آستان (کوهه ۽ پوڄاپاٺ جي آستانن) کي سنڀاليندڙ ”ديوي ماتا“ (Devi maataa) نالي هڪڙي پرهيزگار هندو عورت آهي، پر شيخ طاهر جي مقبري جا متولي جهيجا ذات جا ماڻهو آهن، جيڪي هاڻي پاڻ کي شيخ سڏائيندا آهن. اُڏيري لال جي ميلي تي هڪ عجيب روايت آهي ته اڏيري لال جي سماڌيءَ کي ميلي جي موقعي تي کير سان هندو ڌوئندا آهن، پر مڃتا طور ملندڙ رقم مسلمان شيخ کڻندا آهن. اڏيري لعل جي مندر جي ڀت سان لڳو لڳ مسجد به آهي، ۽ اهو سنڌ ۾ مذهبي رواداريءَ جو اعليٰ مثال آهي. اڏيري لال جي آستاني/حجري ۾ ديوارن تي مورتين ۽ اُڏيري جي پاڻيءَ جي ديوتا جي روپ واري چترڪاري ٿيل هئي، ايوبي دور ۾ ڪن تعصب پسند ماڻهن ان کي رنگ هڻائي مٽائي ڇڏيو.[1]
ٺُڪرن جي دستخط ڪتابن مان ڄاڻ ملي ٿي ته ٺٽي ۾ مرک شاهه (Markkh Shaah) نالي هڪ حاڪم اتي جي هندن کي زوريءَ مسلمان ٿي ڪيو، ته هنن درياءَ شاهه کي پڪاريو، جنهن سندين دانهن اونائي: اوچتو هڪ جوان، گهوڙي تي سوار ٿيل، پاڻيءَ مان پر گهٽ ٿيو ۽ مرک شاهه کي وڃي سمجهايائين ته ڪنهن به حاڪم کي زور زبردستي ڪرڻ نه جڳائي، ۽ هندن توڙي مسلمانن کي پاڻ ۾ ڀائرن جيان ميٺ محبت ۾ گڏ گذارڻ گهرجي. مرک شاهه سندس ڪي معجزا ڏسي حيران ٿيو ۽ هندن توڙي مسلمانن سان هڪجهڙي هلت هلڻ جو اقرار ڪيائين. انهيءَ اوتاري پرش سگهوئي پوءِ نصرپور جي شهر ۾ رتني نالي هڪ ڀائيبند جي گهر ۾ جنم لڌو، ۽ اهو ”اڏيرو لال“ (Uddhero Laal) سڏجي ٿو. سنسڪرت ۾ ”اُڊو“ معنيٰ پاڻي، جنهن ۾ ورڻ ديوتا رهي ٿو، تنهنڪري ورڻ ديوتا کي اُڊوراج. اُڊو ور چئبو آهي. انهيءَ ”اُڊوور“ لفظ جو اُچار ڦري ٿيو آهي ”اڏيرو“، ۽ هُو ورڻ ديوتا جو اوتار ليکجي ٿو. سندس جنم وڪرمي سنبت 1007 ۾ چيٽي چنڊ (ٻيج تٿ) تي شڪروار (جمعي) جي ڏينهن ٿيو هو. اهو ڏينهن هاڻ ”ٿاروُن“ سڏجي ٿو. جنهن جو اچارڪي ”ٺارؤ“ به ڪن (جيئن ”ٺارومل“). درياءَ جا شيوڪ انهيءَ ڏينهن گوشت ۽ شراب ڪونه ورتائين. اهو ”ٺاروُ“ يا ”ٿاروُ“ اصل ۾ آهي. سنسڪرت لفظ ”سٿاروُ“، معنا بيهڪ وارو يعني محڪم يا سدائين قائم. اهو ڌڻيءَ جو هڪ صفاتي نالو آهي، جو اڏيري لال تي به رکيو اٿن. هو سدائين قائم آهي، تنهنڪري ”امر لال“ (Amar Laal) به سڏجي ٿو. ”اَمر“ معنا نه مرندڙ، يعني سدائين جيئرو، انهيءَ ڪري ”زنده پير“ به ڪوٺجي ٿو. اڄ تائين هندن توڙي ڪيترن مسلمانن جو منجهس اعتقاد آهي، اُڏيري لال جي درگاهه جا مجاور مسلمان آهن ۽ کيس ”شيخ طاهر“ ڪري ڪوٺين ٿا. سنڌي سال چيٽ مهيني کان وٺي شروع ٿئي ٿو، ۽ اڏيري لال به چيٽي چنڊ ('Chettee chand) جي ڏينهن جنم ڌاريو هو، تنهنڪري چيٽ جو مهينو دهلن دمامن، ڇيڄن ڇڻڪارن ۽ ملاکڙن ميلن سان شروع ٿيندو آهي. [2]