ايل سيلويڊور

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ريپبلڪ آف آيل سيلويڊور

República de El Salvador (اسپينش ٻولي)
Flag of آيل سيلويڊور
{{{coat_alt}}}
جھنڊو نِسبتي نشان
شُعار: '"Dios, Unión, Libertad" ([[اسپينش ، هسپانوي يا اسپيني ٻولي

Spanish language|اسپينش ، هسپانوي يا اسپيني ٻولي

Spanish]])

انگريزي ٻولي: "خدا، اتحاد، آزادي"
ترانو: Himno Nacional de El Salvador
(انگريزي ٻولي: "National Anthem of El Salvador")
Location of آيل سيلويڊور
جو مقامآيل سيلويڊور
گادي جو هنڌ سان سيلويڊور
13°40′N 89°10′W / 13.667°N 89.167°W / 13.667; -89.167
سڀ کان وڏو شهر سان سيلويڊور
دفتري ٻوليون اسپينش
نسلي گروھ
مقامي آبادي سيلويڊورن
گئاناڪو (غير رسمي)
حڪومت وحدانيصدارتي آئيني ريپبلڪ
• صدر
Salvador Sánchez Cerén
آسڪر آرٽز
مقننه قانون ساز اسيمبلي
آزادي
• اسپين کان آزادي ورتائين
15 سيپٽمبر 1821
• ھڪ آزاد قوم بڻي [2]
18 فبروري 1841
پکيڙ
• جملي
21٬041 km2 (8٬124 sq mi) (148th)
• پاڻي (%)
1.5
آبادي
• 2016 اندازو
6,344,722[3] (99th)
•  گھاٽائي
303.1 /km2 (785.0 /sq mi) (47th)
جِي ڊي پي (مساوي قوت خريد ) 2015 لڳ ڀڳ
• ڪل
$52.666 بلين ڊالر [4]
• في سيڪڙو
$8,668[4]
جِي. ڊي. پي  (رڳو نالي ۾ ) 2015 لڳ ڀڳ
• ڪل
$28.986 بلين ڊالر [4]

ايل سيلويڊور(انگريزي: El Salvador) (Listeni/ɛl ˈsælvədɔr/ وچ آمريڪا جو ننڍي ۾ ننڍو ۽ تمام گھاٽي آبادي وارو ملڪ آهي جنھن جون سرحدون اتر اوڀر م ھونڊوراس سان، اتر اولھ ۾ گوئيٽي مالا سان ڏکڻ ۾ پيسفڪ سمنڊ سان ملن ٿيون.. ھن ملڪ جي گاديءَ جو هنڌ ۽ سڀ کان وڏو شھر سان سيلويڊور آھي

تاريخ[سنواريو]

تزومل وارا کنڊر جيڪي سانتا اينا، ۾ واقع آھن

ھن ملڪ واري علائقي ۾ صدين تائين ميسو آمريڪي ماڻھو رھيا جن ۾ پائپل ، لينڪا ۽ مايا وارا قبيلا شامل آهن. سورھين صدي جي ابتدا ۾ اسپين ھن علائقي کي فتح ڪري نيو اسپين واري وائسرائلٽي ۾ شامل ڪري ڇڏيو جنھن جو گاديءَ وارو هنڌ نيو ميڪسيڪو ھيو. 1609 م ھي علائقو گوئيٽي مالا جو ڪئپٽينسي جنرل بڻايو ويو اھڙي طرح 1821 ۾ اسپين کان آزادي حاصل ڪرڻ تائين ان حالت م رھيو.اھڙي طرح پھرين ميڪسيڪن ايمپائر جي حصي رھڻ کانپوءِ 1823 ۾ فيڊرل ريپبلڪ آف سينٽرل آمريڪا جو حصو رھيو جيڪا 1841 م ٽٽي وئي جنھن بعد آيل سيلويڊور ھڪ خودمختيار رياست جو درجو حاصل ڪيو. ان بعد وري ٿوري وقت لاءِ ھونڊوراس ۽ نڪاراگوا سان گڏجي اتحاد ڪري گريٽر ريپبلڪ آف سينٽرل آمريڪا جي نالي سان رياست ۾ رھيو جيڪا 1895 کان 1898 تائين قائم رهيو.[7][8][9] ايل سيلويڊور ٻارھن سال گھرو ويڙھ ۾ مبتلا رھيو جنھن ۾ 75000 ماڻھو مارجي ويا نيٺ 1992 م ان جو خاتمو ٿيو جڏهن حڪومت ۽ کاٻي ڌر جي باغين جي وچ ۾ معاھدو عمل ۾ آيو جنھن ذريعي ملڪ ۾ فوجي ۽ سياسي سڌارا آيا.ھي ملڪ انھن حالتن ۾ دنيا اندر ڏوھارين جو ھڪ وڏو مرڪز بڻجي ويو ھو.

گھرو ويڙھ دوران فارابنڊو مارتي نيشنل لبريشن فرنٽ جا ويڙھاڪ 1990 ۾ پرڪئين ۾

جاگرافي[سنواريو]

گوئٽي مالا ۽ ھونڊوراس جي وچ واقع ھي ملڪ اتر پيسفڪ سمنڊ جي ڪناري تي 13 50 N, 88 55 W جي جاگرافيائي بيهڪ تي واقع آهي. ملڪ جي پکيڙ جملي 21041 چورس ڪلوميٽر آهي جن مان 20721 چورس ڪلوميٽر خشڪي ۽ 320 چورس ڪلوميٽر پاڻي اٿس. پکيڙ جي لحاظ کان دنيا جي ملڪن ۾ 153 نمبر تي آهي.ان جي زميني سرحد 199 ڪلوميٽر گوئٽي مالا سان ۽ 391 ڪلوميٽر ھونڊوراس سان ملي ٿي. ان جي سامونڊي ڪناري جي ڊيگھ 307 ڪلوميٽر آهي. سمنڊ اندر ھن جي سرحد اندر علائقو 12 ناٽيڪل ميل آھي.۽ ان حد کان اڳتي وارو 24 ناٽيڪل ميلن تائين پڻ ان جي اختيار اچي ٿو. ان جو سامونڊي معاشي زون 200 ناٽيڪل ميلن تائين آھي.ھن ملڪ۾ جبل زياده تر سمنڊ ڪنارن لڳ ۽ وچ ملڪ ۾ مٿاھين پٽ تي آھن. ملڪ جي سامونڊي سطح کان سراسري بلندي 442 ميٽر آھي. سمنڊ جي سطح کان بلند ترين مقام سيرو ايل پائٽل(انگريزي: Cerro El Pital)آھي جنھن جي بلندي 2730 ميٽر آھي. ھن ملڪ جي زمين ٻرندڙ جبلن جي سرزمين سڏبي آھي جنھن ڪري ھتي زلزلا ڪثرت سان ايندا آهن جن ڪري اڪثر سامونڊي واچوڙن(انگريزي: hurricanes) جو امڪان رھندو آھي.[10]

ڪورڊيليرا ڊي اپينيڪا نالي ٻرندڙ جبل جي قطار سيلڪوئيٽائيٽن وٽان نڪتل تصوير

نالو[سنواريو]

ایل سیلويڊور اسپينش ٻوليءَ جو لفظ آھي جنھن جي معني آھي نجات ڏياريندڙ(انگريزي: The Saviour)آھي . شروع ۾ ھن علائقي جو نالو اسپيني ٻولي م:Provincia de Nuestro Senor Jesus Cristo, el Salvador del Mundoھيو جنھن جي معني آھي: اسانجي لارڊ (سائين) جيزس ڪرائيسٽ (عيسي مسيح) جو صوبو جيڪو دنيا لاءِ نجات ڏياريندڙ(انگريزي: El Salvador) آهي[10]

حڪومتي ۽ قانوني انتظام[سنواريو]

ايل سيلويڊور جو نقشو

ملڪ جو پورو نالو ريپبلڪ آف ايل سيلويڊور (اسپينش:Republica de El Salvador) آھي. رياست صدارتي ريپبلڪ آھي جنھن جو گاديءَ جو هنڌ سان سيلويڊور آھي جيڪو 13 42 N, 89 12 W واري جاگرافيائي بيهڪ تي واقع آهي.ملڪ جي انتظامي يونٽن کي ڊپارٽمينٽ سڏيندا آهن .ملڪ انتظامي طور تي ھيٺين انتظامي ڊپارٽمينٽن ۾ ورھايل آھي:[10]

ايل سيلويڊور جا ڊپارٽمينٽ
ايل سيلويڊور جي انتظامي ورهاست
اولھ ايل سيلويڊور وچ سيلويڊور اوڀر ايل سيلويڊور
نوٽ: ھر ڊپارٽمينٽ(صوبو) جو گاديءَ جو هنڌ ڏنگين ۾ ڏيکاريل آھي

ملڪ 15 سيپٽمبر 1821 م اسپين کان آزاد ٿيو جنھن ڪري اھو ڏينهن ايل سيلويڊور ۾ عام موڪل جو ڏينهن آهي. ملڪ جو موجوده آئين 23 ڊسمبر 1983 ۾ لاڳو ٿيو. ھي ملڪ اڃان عالمي عدالت جي اختيار ۾ شامل نہ ٿيو آھي. ملڪ ۾ شھرين کي ووٽ ڏيڻ جو حق 18 سالن جي عمر ۾ حاصل ٿيندو آهي.

کاٻي پاسي ايل سيلويڊور جو صدر سينچيز سيرين ۽ نڪاراگوا جي روسي سفير سان گڏ

ملڪ جو صدر رياست ۽ حڪومت ٻنھي جو سربراھ ھوندو آھي. ملڪ ۾ صدر ۽ نائب صدر جي چونڊ سڌي سنئين ماڻھن جي ووٽ سان ٿيندي آهي. پھرين جون 2014 تي سينچيز سيرين ملڪ جو صدر ۽ آسڪر آرٽز ملڪ جو نائب صدر چونڏجي آيا.

ايل سيلويڊور جي پارليامينٽ

ملڪ جي پارليامينٽ ھڪ ايواني آھي جنھن جي رڪنن جو تعداد 84 آھي جيڪي سڌا سنوان تڪن مان ٽن سالن لاء چونڊجي ايندا آهن . ملڪ م اعلي عدالتن جي ججن جي مقرري ملڪ جي پارليامينٽ ڪندي آهي جيڪا لازمي طور تي عدليہ جي قومي ڪائونسل ، پارليامينٽ جي خودمختيار باڊي ۽ بار ايسوسيئيشن جي سفارش تي ڪئي ويندي آھي. جج جي نوڪري جو مدو نو سالن تائين ھوندو آھي.[10]

زراعت[سنواريو]

ھن ملڪ جي 74.7 سيڪڙو زمين زراعت واري آهي جنھن مان 33.1 سيڪڙو زمين پوکي جي لائق آھي جنھن مان وري 10.9 سيڪڙو زمين تي مستقل کيتي ٿيندي آهي. زرعي زمين جي 30.7 سيڪڙو علائقي تي مستقل چراگاھون آھن ۽ باقي 13.6 سيڪڙو زمين تي ٻيلا آھن . ھتان جي 452 چورس ڪلوميٽر زمين آبپاشي واري آھي.[10]

آبھوا[سنواريو]

El Salvador's topography.

ھن ملڪ جي آبهوا خشڪي ۾ مٿاھين علائقن ۾ ٽيمپريٽ ۽ سامونڊي ڪنارن تي ٽراپيڪل ھوندي آھي. مينھن جي موسم ھتي مئي کان آڪٽوبر تائين آهي. نومبر کان اپريل تائين موسم خشڪ ھوندي آھي.[10]

آبادي[سنواريو]

جولاءِ 2017 جي انگ اکرن مطابق ھن ملڪ جي آدمشماري 61,72,011 ھئي. آبادي جي لحاظ کان دنيا جي ملڪن ۾ ھن ملڪ جو نمبر 108 آھي . ھتان جي ماڻھن کي سيلويڊورن سڏيو ويندو آهي. ھتان جي آبادي جو 86.3 سيڪڙو ماڻهو ميستيزو نسل جا آھن، 12.7 سيڪڙو ماڻهو گورا، 0.2 سيڪڙو ماڻهو آمريڪي ريڊ انڊين آھن ۽ 0.1 سيڪڙو ماڻهو ڪارا آھن.ھتان جي عام ۽ سرڪاري ٻولي اسپينش آھي. آمريڪي ريڊ انڊين نئوات ٻولي پڻ ڳالھائيندا آھن.ايل سيلويڊور وچ آمريڪا جو ننڍي ۾ ننڍو ۽ گھاٽي آبادي وارو ملڪ آهي. ملڪ م خانداني منصوبا منصوبا بندي سان آبادي جي واڌ جي شرح ۾ ڪافي گھٽتائي آئي آهي. گھرو ويڙھ جي ڪري 20 سيڪڙو آبادي ملڪ ڇڏي وئي آهي جن مان اڪثريت آمريڪا ۽ ڪيناڊا ، ۽ باقي ٿورا ڀر وارن ملڪن ھونڊوراس، نڪاراگوا ، ميڪسيڪو ۽ گوئٽي مالا منتقل ٿي آهي.[10]

مذھب[سنواريو]

ھتان جي 50 سيڪڙو آبادي جو تعلق رومن ڪيٿولڪ مذهب سان آهي. 36 سيڪڙو پروٽيسٽنٽ، 12 سيڪڙو لامذھب ۽ 2 سيڪڙو ٻين مذھبن وارا ماڻهو آھن[10].

جاندار[سنواريو]

ٽوروگوز پکي جيڪو ايل سيلويڊور جو قومي پکي آهي

حوالا[سنواريو]

مڪانيت: 13°50′N 88°55′W / 13.833°N 88.917°W / 13.833; -88.917