مواد ڏانھن هلو

ابو معشر سنڌي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ابو معشر سنڌي (Abu Mu'shar Sindhi) جو اصل نالو نجيح هو ۽ ڪنيت ابو معشر هيس. اصل ۾ سنڌ جو رهاڪو هئا، پوءِ مديني ۾ وڃي رهيا. ان ڪري کيس "مدني" سڏيو ويندو آهي. روايت آهي ته "بنو اسد" کيس مديني ۾ خريد ڪري نجيح نالو رکيو. هن حضور (صلي الله عليہ وسلم) جن جي هڪ صحابي، اسعد بن سهل بن حنيف (رضي الله تعالي عنہ) کي ڏٺو هو، ان ڪري کيس تابعين ۾ ليکيو وڃي ٿو. وڏا عالم ۽ فاضل هئا ۽ خاص طور مغازي ۾ وڏو درڪ حاصل هئس.[1][2][3]

حديث جا مشھور راوي، جنھن جو پورو نالو "ابو معشر نجيح بن عبدالرحمان السندي" ھو، ڪنھن جنگ ۾ گرفتار ڪري آندو ويو، کيس حجاز ۾ ام موسيٰ خريد ڪيو ۽ پوءِ بنو ھاشم جي ميراث ۾ آيو. آخرڪار ھن مقرر ڪيل رقم ادا ڪري پاڻ کي آزاد ڪرايو. آزاد ٿيڻ کان پوءِ ھن تمام وڏو علمي رتبو حاصل ڪيو، ھن حديث، فقه ۽ مغازي ۾ مھارت حاصل ڪئي. حديث سکڻ لاءِ ھن وقت جي عالمن کان تمام گھڻو پرايو، پوءِ ھن جا به ڪيترائي شاگرد ٿيا، سنڌي ھئڻ جي ڪري ھن جو لھجو ۽ سندس تلفظ جي ادائگي صحيح نه ھئي. کيس "ابو معشر السندي" سڏيندا ھئا. ھو حافظي جا ڪجهه ڪمزور ھئا. ھن خليفي مھديءَ جي ماءُ، ام موسيٰ جو غلام رھي چڪو ھو، ان ڪري کيس 160 ھجري بمطابق 777ع ڌاري مديني مان عراق آندو ويو. ابو معشر السنديءَ جي جنازي نماز خليفي، ھارون الرشيد پڙھائي.[4]

ابو معشر سنڌيءَ جو نالو سرفهرست آهي، جنهن حديث، مغازي ۽ فقه ۾ ڪمال حاصل ڪيائين؛ خاص طرح مغازيءَ جي فن ۾ استاد ليکيو ويو آهي. سندس استادن مان محمد بن ڪعب قرظي، سعيد بن ابي سعيد، مقيري، ابو برده بن ابي موسيٰ، هشام بن عروه، موسيٰ بن بشار، نافع، محمد بن قيس، وغيره آهن. "جامع ترمذيءَ" ۾ سندس روايت موجود آهي. سندس شاگردن ۾ جليل القدر عالمن ۽ فاضلن جا نالا آهن: جهروڪ محمد بن ابي معشر، عبدالرزاق، ابو نعيم، محمد بن بڪار، منصور بن ابي مزاحم، ليث بن سعد، عبدالله بن ادريس، هشيم، ابن مهدي، ابو نصر، هاشم بن قاسم، وڪيع، هوزه بن خليفه، عثمان بن عمرو، محمد بن سوا، محمد بن عمرو اقدي، ابو ضمره، سعيد بن منصور، عاصم بن علي، ابو ربيع زهراني ۽ فن حديث ۽ فقه جا مشهور امام، سفيان ثوري. علامه ذهبيءَ، امام احمد بن حنبل، خطيب بغداديءَ، ابو نعيم خليليءَ سندس ذڪر ڪيو آهي. خليفو مهدي سندس علم ۽ فضل جو قدردان هو. سڀڪنهن کيس مغازيءَ جو امام مڃيو آهي. سندس تصنيفن مان "المغازي" تمام مشهور آهي. ابن نديم "الفهرست" ۾ ان جو ذڪر ڪيو آهي. 170 ھجري ۾ وفات پاتائين. خليفي هارون رشيد سندس جنازي جي نماز پڙهائي. بغداد جي مقبره ڪبيره ۾ سنڌ جو هيءُ فخر مدفون ٿيو.[5]

لاڏاڻو

[سنواريو]

سن170هه ۾ بغداد ۾ وفات ڪيائين. [6]

حوالا

[سنواريو]
  1. Sindhi Adabi Board Online Library (Stories)
  2. سنڌي ادبي بورڊ ويب سائيٽ
  3. شاهه ولي الله اڪيڊمي، حيدرآباد، سنڌ، ص80.
  4. ابو معشر السندي : (Sindhianaسنڌيانا)
  5. ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، سنڌ ۽ ملتان جون عربي حڪومتون؛ رسالو:مهراڻ؛ ڇپيندڙ:سنڌي ادبي بورڊ، 1961ع
  6. عربي ادب ۾ سنڌ جو ڀاڱو رسالو الرحيم