آيت الله خامنائي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
روح اللہ خميني سان ڀل نہ کائو.
Sayyed Ali Khamenei
سید علی خامنائي
2nd رهبر معظم
دفتر سنڀاليو
4 جون 1989
صدر
پيشرو روح الله خميني
3rd ايراني صدر
عهدو سنڀاليو
13 آڪٽوبر

1981 – 3 آگسٽ

1989
وزير اعظم مير حسن موسوي
عظيم اڳواڻ روح الله خميني
پيشرو محمد علي رجائي
جانشين اڪبر هاشمي رفسنجاني
اسلامي ريپبلڪن پارٽي جو سربراهه
عهدو سنڀاليو
15 جولاءِ 1981 – 15 مئي 1987
ڊپٽي مير حسين موسوي
پيشرو محمد جواد باھنر
جانشين پارٽي ٽٽي وئي
ايراني پارليامينٽ جو رڪن
عهدو سنڀاليو
28 مئي

1980 – 13 آڪٽوبر

1981
حلقو تھران صوبو
اڪثريت 1,405,976 (65.8%)[1]
تھران جي جمعي نماز جو امام
دفتر سنڀاليو
14 جنوري 1980
مقرر بطرف روح الله خميني
عارضي امام
پيشرو حسين علي منتظري
ذاتي تفصيل
پيدائش سيد علي حسيني خامنائي
جُولاءِ 1939 (عمر 84 سال)
مشھد , ايران
سياسي جماعت
جيون ساٿي خجسته باقرزادي (m. 1964)
ٻار ٻچا
مذهب شیعہ (ٻارھن امامن وارو )
دستخط
ويب سائٽ english.khamenei.ir


آيت الله سيد علي حسيني خامنائي ايران جو ٻيو ۽ موجوده سپريم ليڊر (رهبر معظم 237) آهي. پاڻ 1981 کان 1989 تائين ايران جو صدر به رهي چڪو آهي. اسلامي انقلاب کان اڳ ۽ شروع وارا ڪجهه سال ”وزيراعظم“ جو به عهدو هو جيڪو نئين آئين مطابق ختم ڪري وزيراعظم جون ڪيتريون ئي جوابداريون ملڪ جي صدر حوالي ڪيون ويون آهن ۽ صدر جيڪو پهرين فقط نالي ماتر رهيو ٿي يعني علامتي سربراھ طور ۽ سندس ڪي خاص اختيار نه هئا هاڻ انتظاميه ۽ ریاست جو سربراہ آهي. هو ملڪ جو سڀ ۾ وڏو چونڊيل نمائندو آهي.[حوالو گھربل]

صدر کانسواءِ ملڪ جو ٻيو سربراه ”رهبر معظم ‎“ يعني سپريم ليڊر سڏجي ٿو. هو ملڪ جي سياسي ۽ مذهبي اٿارٽي مڃيو وڃي ٿو. امام خميني اسلامي جمهوريہ ايران جو پهريون سپريم ليڊر هو ۽ 1989 ۾ سندس وفات کان پوءِ اڄ تائين سيد علي حسيني خامنہ اي ايران جو ٻيو سپريم ليڊر آهي. سندس تصويرون اڪيلي سر يا امام خميني سان گڏ جتي ڪٿي نظر اينديون. سپريم ليڊر گهڻو ڪري اهو ٿئي ٿو جيڪو عالم دين هجي.

سيد علي حسيني خامنہ اي سپريم ليڊر ٿيڻ کان اڳ، امام خميني جي ڏينهن ۾ 1981 کان 1989 تائين ايران جو صدر ٿي رهيو.[حوالو گھربل] اسلامي انقلاب بعد ايران جا هيستائين ست صدر ٿي چڪا آهن.

پرورش ء تعليم[سنواريو]

پاڻ 1939 ۾ مشهد ۾ رهندڙ هڪ آذري ڪُٽنب ۾ ڄائو. علي خامنہ اي اٺن ڀائرن ڀينرن ۾ ٻيو نمبر وڏو ٻار آهي. هن جا ٻه ٻيا ڀائر بہ هن وانگر ايران جا وڏا مذهبي عالم آهن. سندس ننڍو ڀاءُ هادي خامنہ اي هتي جي هڪ اخبار جو قابل ايڊيٽر ۽ مولوي آهي.

علي خامنہ ايءَ پرائمري تعليم دوران مذهبي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ مدرسي ۾ پڙھڻ ويو. مشهد جي هن مدرسي ۾ ايران جون مشهور شخصيتون حاجي شيخ هاشم قاضيويني ۽ آيت الله ميلاني هن جا معلم رهيا. 1957 ۾ هو نجف هليو ويو جتي هڪ سال جو مختصر عرصو گذارڻ بعد قم ۾ اچي رهائش اختيار ڪئي. جتي هن آيت الله حسين بورجردي ۽ آيت الله روح الله خميني جهڙن شخصيتين جي ڪلاس مان علم پرايو. انکانپوءِ 1963 کان هن اسلامي تحريڪن ۾ ڪم ڪرڻ شروع ڪيو. شهنشاھ پهلوي جو زمانو هو، جنهن کي اهي ڳالهيون پسند نه هيون ۽ علي خامنہ اي کي ڪيترا دفعا جيل به وڃڻو پيو.[حوالو گھربل]

اسلامي انقلاب ۾ ڪردار[سنواريو]

علي خامنائي ايران جي اسلامي انقلاب جو اهم ڪردار رهيو ۽ امام خميني جي ويجهن ساٿين مان هو. تهران ۾ جمعي نماز جي امام آيت الله حسين علي منتظري جي 1979 ۾ استيفا ڏيڻ بعد امام خمينيءَ علي خامنائي کي ليڊر بنايو.[حوالو گھربل] عراق ايران جنگ ۾ علي خامنائي جنگ جي ميدان ۾ به رهيو ۽ هڪ بم ڦاٽڻ تي هو شديد زخمي ٿي پيو. هن کي اڄ به ”زندھ شهيد“ جي لقب سان سڏيو وڃي ٿو.[حوالو گھربل]

تعليم جو واڌارو[سنواريو]

علي خامنائيءَ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ ايران جي نوجوانن کي گھڻو اڳيان آندو آهي.[حوالو گھربل] هن جو اهو چوڻ آهي ته ”زمين هيٺ دٻيل تيل ۽ گئس جو ذخيرو آخر ته هڪ ڏينهن ختم ٿي ويندو. ان ڪري هينئر کان ئي اسان کي نيوڪليئر ٽيڪنالاجي جو علم حاصل ڪرڻ کپي ۽ ان مان فائدا حاصل ڪرڻ کپن.“

لکيل ڪتاب[سنواريو]

علي خامنائي جا ڪيترائي ڪتاب ۽ مضمون لکيل آهن جن مان ڪجهه انگريزي ۾ به ترجمو ٿيل آهن.[حوالو گھربل] سندس تقريرن ۽ پيغامن جا نو واليوم تعليمي ادارن ۾ پڙهايا به وڃن ٿا. عرب ليکڪن سيد قطب، رضي الياسين ۽ عبدالمنيم ناصري جا ڪجهه ڪتاب علي خامنائي عربي مان فارسي ۾ پڻ ترجمو ڪيا آهن.[حوالو گھربل]

حوالا[سنواريو]

  1. "Parliament members" (ٻولي ۾ Persian). Iranian Majlis. حاصل ڪيل 28 October 2014. 

[1]

  1. سنڌي سفرناما : خامنائي ۽ خاتمي - الطاف شيخ