آرتي (نالو)

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

هندو ڌرم ۾ هڪ ديويءَ جو نالو، جنهن کي آرتيه پڻ سڏيو وڃي ٿو. ان ديويءَ جو تذڪرو رگ ويد ۾ به آيل آهي. کيس ڪيترن ئي ديوتائن جي ماءُ به مڃيو وڃي ٿو. هندن جي عقيدي موجب آرتيه ديوي ٻارن ۽ چوپائي مال تي برڪتون موڪليندڙ عظيم ديوي آهي. هن لاءِ هڪ مفروضو اهو پڻ آهي ته هوءَ گناهه معاف ڪندڙ ديوي آهي ۽ محيط ڪل فطرت يا وجود جي مجسم صورت آهي.[1]