آدم شاهه ڪلهوڙو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

آدم شاه ڪلهوڙو ڪلهوڙن جي سياسي زندگيءَ جو وڏو معتبر نالو آهي،جيڪو ڪافي عرصو مغلن وٽ قيد رهيو،سندس مڙهه ملتان مان آڻي هن ٽڪريءَ تي دفنايو ويو،جنهن کي بعد ۾ آدم شاهه جي ٽڪري ڪري سڏيو ويو.مقبرو ڏکڻ منهن آهي

اڏاوت[سنواريو]

ڪلهوڙا دور جي هي اڏاوت ميان غلام شاهه ڪلهوڙي جي ٺهرايل آهي.ملتان جي نواب محمد آقا.ميان صاحب کي 1598ع ۾ شهيد ڪرايو

بندش[سنواريو]

انگريزن طرفان1890ع کان 1914ع تائين هن زيارتگاهه تي بندش پيل هئي

مرمت[سنواريو]

هن مقبري جي وقت به وقت مرمت ٿيندي پئي اچي،مقبري اندر ٽي قبرون ٻيون به آهن.آدم شاهه جي قبر جي اڀرندي طرف اڪرم شاهه جي قبر آهي،چون ٿا ته اڪرم شاهه آدم شاهه جو ڀاءُ هو،ٻي قبر شهباز خان ”گل انداز“ جي آهي جيڪو اصل حيدرآباد جو ويٺل هيو