آخوند آگيڏنو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

آخوند آگيڏنو ذات جو لهر ۽ گنبٽ جي ويڄرن واري پاڙي جو رهواسي هو. عربي ۽ فارسي تي وڏي دسترس رکندڙ هو. اڳ ۾ گنبٽ جي پير شمس الدين شاهه جو درٻاري شاعر هو، پوءِ مير علي مراد خان وٽ آيو ۽ ان جو درٻاري شاعر بڻيو. مير علي مراد جي وفات کان پوءِ مير فيض محمد خان جو استاد بڻيو، مير فيض محمد خان وٽ سندس وڏي عزت هوندي هئي. هي فارسيءَ ۾ ’عشاق‘ تخلص استعمال ڪندو هو. سنڌي ۽ سرائيڪي شاعريءَ ۾ پنهنجو نالو استعمال ڪندو هو. سندس تصنيفن ۾: ’بياض قصائي‘، ’ديوان عشاق‘ ۽ هڪ مثنوي ’در هجو جولاهان‘ شامل آهن.[1]