آخري حل

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

آخري نبيرو، آخري حل يا فائينل ايڪٽ (Final Act) جي حوالي سان پهرين آگسٽ 1975ع تي فنلئينڊ جي شهر ’هيلسنڪي‘ ۾ The Conference on Security and Cooperation in Euorpe جي نالي سان گڏجاڻي ٿي، جنهن ۾ يورپ جي مک مُلڪن سان گڏوگڏ آمريڪا، ڪئناڊا، سوويت يونين ۽ گڏيل قومن جو سيڪريٽري جنرل به شريڪ هئا. هن ڪانفرنس جو مقصد يورپ کي سياسي، سماجي، معاشي، تعليمي، ثقافتي ۽ سلامتيءَ جي لحاظ کان سگهارو ڪرڻ جي حوالي سان اهم فيصلاڪرڻ هو. ڪانفرنس ۾ سڀ کان وڌيڪ يورپ جي ملڪن جي حفاظت لاءِ بندوبستن تي بحث ڪيو ويو. ان وقت يورپ (خاص طور ان جي اُڀرندي حصي) مٿان سوويت يونين جو تمام گهڻو غلبو هو، Final Act اُنهيءَ غلبي کي گهٽ ڪرڻ لاءِ اُپتن جي هڪڙي وڏي ڪوشش هئي. گهڻن ماهرن جو خيال آهي ته Final Act جو اصل مقصد به اوڀر يورپ مٿان سوويت يونين جو وڌندڙ زور ٽوڙڻ هو.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. سنڌي آنلائين ڊڪشنري[مئل ڳنڍڻو] پاران سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد