ھگانا

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ההגנה
Haganah

ھگانا جو نشان
سرگرم 1921–1948
ملڪ فلسطين, مينڊيٽري فلسطين
نوعيت نيم فوجي تنظيم (اسرائيل جي قيام کان اول)
اسرائيل جي قيام بعد ملڪ جي فوج بڻجي وئي
ڪردار يھودي آبادين جي حفاظت
تعداد سراسري
21,000[1]
جنگي سرگرميون 1929 م فلسطين اندر نسلي فساد
1936 کان 1939 ۾ فلسطين اندر عربن جي انقلاب
ٻي جنگ عظيم


يھودينجي مينڊيٽري فلسطين ۾ بغاوت

1947 ء 1948 واري فلسطين اندر گھرو ويڙھ
۽ 1948 م عرب ملڪن ۽ اسرائيل وچ۾ جنگ جا شروعاتي ٻہ ھفتا وڙھي جنھن بعد 28 مئي 1948 ۾ ھن تنظيم کي ٽوڙي اسرائيلي ڊفينس فورسز نالي فوج ٺاهي وئي.


ھگانا(انگريزي: Haganah) لفظ جي معني دفاع آھي.اھو برطانوي مينڊيٽ واري فلسطين ۾ يھودين جي ھڪ نيم فوجي تنظيم جو نالو ھو جيڪا بعد ۾ اسرائيلي ڊفينس فورسز جو مرڪز بڻجي وئي. ھن جو بنياد ھڪ گروپ جي صورت م عثماني ترڪن جي خلافت دوران پيو [2] يھودين 1907 ۾ خلافت عثمانيه ۾ فلسطين اندر پنھنجي دفاع لاءِ تنظيم بار-گيورا ٺاھي. اھو ھڪ ننڍڙو گروپ ھيو جيڪو سالياني في جي عيوض اتي ھجرت ڪري ايندڙ يھودين جي حفاظت ڪندو هو.ان گروپ جا ڪڏهن بہ سو کان وڌيڪَ رڪن نہ ٿي سگھيا.اپريل 1909 ۾ ان جو نالو بعد ۾ تبديل ڪري ھشومر رکيو ويو جنھن جي معني چوڪيدار ھئي.ھشومر 1920 ۾ برطانوي مينڊيٽ واري فلسطين ۾ بہ ڪم جاري رکيو. 1920 ۾ يھودين۽ عربن وچ ۾ نسلي فسادن کان پوءِ ضرورت پيدا ٿي تہ ھڪ ملڪي سطح تي حفاظت لاءِ يھودين جي خفيہ تنظيم ٺاھي وڃي. اھڙي طرح جون 1921 ۾ ھگانا جو بنياد وڌو ويو.1931 ۾ ھگانا مان ھڪ ڌڙو ڌار ٿي ويو جيڪو وڌيڪ شدت پسند ھيو جيڪو ھگانا جي قيادت جي اڳرائي کان لنوائڻ واري پاليسي تي ناراض ھيو.ان ڌڙي پنھنجو نالو نئشنل ملٽري آرگنائيزيشن (عبراني ۾:Irgun Tsva'i-Leumi) رکيو ء ارگون يا ايٽزيل جي نالي سان مشھور ٿيو.ٻي جنگ عظيم م ھگانا پرطانيا جي مدد ڪئي . يھودي برطانيا جي فوج ۾ ڀرتي ٿي وڙھيا.

1942 ۾ برطانوي فوج ۾ شامل يھودي مارچ ڪندي

فوج اندر پھريون دفعو علحده يھودي برگيڊ(انگريزي: Jewish Brigade) ٺاھي وئي جيڪا يھودي جھنڊي ھيٺ برطانيا لاءِ جنگ وڙھي رھي ھئي.سن م پنج ھزار فوجي ھيا جن کي پھرين اتر آفريڪا ۾ پوء سيپٽمبر 1944 ۾ اٽليءَ ۾ جنگ م لڳايو ويو.ان برگيڊ کي 1946 ۾ ختم ڪيو ويو. ٻي جنگ عظيم دوران 30000 فلسطيني يھودي انگريزي فوج ۾ داخل ٿي نوڪري ڏني. 14 مئي 1941 تي ھگانا پلماخ نالي ھڪ نئون ويڙھاڪ گروپ ٺاھيو. جنرل بين گوريان ھگانا کي نيم فوجي تنظيم مان ھڪ فوج جي صورت ۾ آڻڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو.

ھگانا يھودي نوجوانن کي فوجي تربيت لاء تيار ڪندي

حوالا[سنواريو]

  1. Johnson, Paul (May 1998). "The Miracle". Commentary 105: 21–28. 
  2. Speedy. "The Speedy Media: IDF's History". Thespeedymedia.blogspot.com. حاصل ڪيل 2014-08-03.