ھرڪشن سنگھ سرجيت

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ھرڪشن سنگھ سرجيت

ھرڪشن سنگھ سُرجيت مارڪسي ڪميونسٽ پارٽي آف انڊيا يعني سي پي ايم جو اڳوڻو جنرل سيڪريٽري ۽ معروف سياسي رھنما ھو۔

ڀگت سنگھ[سنواريو]

ھرڪشن سنگھ سرجيت جي پيدائش صوبي پنجاب جي جالنڌر جي بسّي جاٽ خاندان ۾ ٿي ھئي۔  ھن پنھنجي سياسي زندگي جو آغاز ڀگت سنگھ جي نوجوان ڀارت سڀا سان ڪيو۔ ننڍپڻ ۾ سرجيت، بگت سنگھ کان ڪافي متاثر رھيا ۽ انھن بگت سنگھ جي ڦاھي جي ڏينھن ھوشيار پور جي عدالت ۾ ھندستاني جھنڊي کي لھرايو۔ ان جي لاءِ ھن کي سزا ملي۔ جڏھن ھن کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو ته ھن پنھنجو نالو ’لنڊن توڙ سنگھ‘ بڌايو ھو۔

ڪميونسٽ پارٽي[سنواريو]

1936ع ۾ ھو ڪميونسٽ پارٽي جو رڪڻ بڻيو۔ ھو پنجاب ۾ ھاري سڀا جو بنياد رکڻ وارن مان آھي۔ ٻين مھاڀاري جنگ جي دوران ھن  ’دُکي دنيا‘ ۽ ’ چنگارر‘ جي اشاعتڪئي۔ ھرڪشن سنگھ سرجيت جو شمار نہ صرف ھڪ عظيم رھنما جي طور تي ڪيو ويندو ھو بلڪه ھن کي ڀارتيہ جنتا پارٽي جھڙي ھندو نواز سياسي جماعتن جي فرقہ واراڻہ نظريي جي ھڪ اھم مخالف جي طور تي به سڃاتو وڃي ٿو۔  ھن 1990ع جي وچ ۾ کاٻي محاذ جي حمايت کان مرڪز ۾ ھڪ مخلوط حڪومت جي قيام کي سر انجام ڏنو ھو۔ ۽ 2004ع جي لوڪ سڀا چونڊن کان بعد پيدا شده سياسي صورتِ حال ۾ به ھن ھڪ ’ڪنگ ميڪر‘ جو ڪردار ادا ڪيو ھو۔ ھرڪشن سنگھ سرجيت 1992ع کان 2005ع تائين سي پي ايم جي جنرل سيڪريٽري ۽ 1964ع کان 2008ع تائين پولٽ بيورو جو ممبر رھيو۔[1] 92 ورھن جي عمر ۾ پھرين آگسٽ 2008ع تي ھنن جو انتقال ٿيو۔

حوالا[سنواريو]

  1. Manini Chatterjee.

خارجي ڳنڍڻا[سنواريو]

  • ديش سيوَڪ ھڪ پنجابي اخبار جنھن کي ھرڪشن سنگھ سرجيت جاري ڪيو ھو۔